ڪراچي-11 نومبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه اسٽيل مل جي بحالي لاءِ روس کان مدد طلب ڪري ورتي آهي. ايندڙ هفتي پاڪستاني ماهرن ۽ روسي نمائندن وچ ۾ آن لائن مشاورت ٿيندي، ان کانپوءِ روسي وفد اسٽيل مل جو دورو ڪندو جنهن سان اسٽيل مل جي بحالي ۾ اهم اڳڀرائي ٿيندي. اها ڳالهه سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ روس جي سفير البرٽ خوريف وچ ۾ وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات دوران سامهون آئي. وڏي وزير سان سندس سيڪريٽري رحيم شيخ جڏهن ته روسي سفير سان گڏ روسي قونصل جنرل آنڊري فيدوروف، ٿرڊ سيڪريٽري پيول لامانوف ۽ اتاشي اڪاتيرينا زگاچ به گڏ هئا. اجلاس جي شروعات ۾ وڏي وزير پاڪستان اسٽيل مل جي تاريخي اهميت کي اجاڳر ڪيو. هن چيو ته اسٽيل ملز 1974ع ۾ وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو روسي حڪومت جي سهڪار سان قائم ڪئي هئي. هن چيو ته اسٽيل مل شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو عوام لاءِ تحفو آهي جنهن سڄي پاڪستان ۾ ماڻهن کي روزگار جا موقعا فراهم ڪيا. پاڪستان پيپلز پارٽي اسٽيل مل جي بحالي جو مضبوط ارادو رکي ٿي. روسي سفير چيو ته تجويز ڪيل آن لائين اجلاس ۾ منصوبي جي ٽيڪنيڪل معاملن تي غور ڪيو ويندو. اجلاس ۾ سنڌ جي صنعت کاتي جا نمائندا به شرڪت ڪندا. ان ملاقات کانپوءِ روسي وفد وڌيڪ جائزي لاءِ اسٽيل مل جو دورو پڻ ڪندو. وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ سفير خوريف ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته موجوده ناڪاره مشينري کي تبديل ڪري جديد پلانٽ لڳايو ويندو، اميد آهي ته مزدورن جون نوڪريون بچنديون. مراد علي شاهه ۽ آصف زرداري سنڌ ۾ سيڙپڪاري جي امڪانن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سفير ڪراچي جي ٽرانسپورٽ جي شعبي خاص ڪري اليڪٽرڪ بسن ۾ سيڙپڪاري ۾ روسي ڪمپنين جي دلچسپي جو اظهار ڪيو. وڏي وزير سيڪريٽري رحيم شيخ کي هدايت ڪئي ته هو ان حوالي سان ٽرانسپورٽ کاتي سان ضروري رابطا يقيني بڻائي. سفير خوريف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ فن، موسيقي ۽ ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ ثقافتي مرڪز قائم ڪرڻ جي خواهش جو پڻ اظهار ڪيو ته جيئن روس ۽ پاڪستان وچ ۾ ثقافتي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿي سگهن. وڏي وزير يقين ڏياريو ته سنڌ ثقافت کاتو ان سلسلي ۾ ڪراچي ۾ روسي سفارتخاني سان رابطو ڪندو.