ايڊيليڊ-08 نومبر (اي پي پي) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اوپنرن صائم ايوب ۽ عبدالله شفيق جي شاندار بيٽنگ عيوض پاڪستان ٻي هڪ ڏينهن واري عالمي ڪرڪيٽ ميچ ۾ ميزبان آسٽريليا کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي نه رڳو جاندار واپسي ڪئي پر ٽن ميچن جي سيريز 1-1 تان برابر ڪري ڇڏي. پاڪستاني بالرز حارث رئوف ۽ شاهين شاهه آفريدي جي شاندار بالنگ عيوض آسٽريليا جي ٽيم پهرين کيڏندي 35 هين اوور ۾ 163 رنسن تي ڍير ٿي وئي. پاڪستان جي حارث رئوف شاندار بالنگ جو مظاهر ڪندي 5، شاهين شاهه آفريدي 3، نسيم شاهه ۽ محمد حسنين هڪ هڪ رانديگر کي پويلين جو رستو ڏيکاري ڇڏيو. ڪينگروز طرفان مليل 164 رنسن جو هدف پاڪستان جي ٽيم 26 هين اوورز ۾ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. صائم ايوب 82 ۽ عبدالله شفيق ناقابل شڪست 64 رنسن سان بهترين بيٽسمين رهيا.پاڪستان جي فاسٽ بالر حارث رئوف کي بهترين بالنگ ڪرڻ تي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو. ڪالهه ٻنهي ٽيمن ويچن ۾ ايڊيليڊ اوول، ايڊيليڊ ۾ کيڏيل ٽنهي ميچن جي سيريز جي ٻي ون ڊي ميچ ۾ پاڪستاني ٽيم جي ڪپتان محمد رضوان آسٽريليا خلاف ٽاس کٽي پهرين بالنگ جو فيصلو ڪيو. پاڪستاني ٽيم ميچ جي شروعات سٺي نموني ڪئي. آسٽريليا طرفان ميٿيو شارٽ ۽ جيڪ فريز رميڪ گرڪ اننگز جي شروعات ڪا خاص نه هئي. پاڪستان طرفان شاهين شاهه آفريدي بالنگ اٽيڪ ڪيو، آسٽريليا جي پهرين وڪيٽ 21 رنسن جي ڪري، جڏهن ته جيڪ مريزر ميڪ گرڪ 13 رنسون ٺاهي شاهين شاهه آفريدي جي بال تي ايل بي ڊبليو آئوٽ ٿي ويو. آسٽريليا جي ٻي وڪيٽ 41 رنسن تي ڪري پئي ۽ ميٿيو شارٽ کي 19 رنسن تي شاهين شاهه آفريدي جي بال تي بابر اعظم ڪيچ آئوٽ ڪيو. بعد ۾ ميزبان ٽيم جي بيٽسمين پارٽنرشپ قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر حارث رئوف ان کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، هن جوش انگلس کي 18 رنسن تي آئوٽ ڪري آسٽريليا جي ٽئين وڪيٽ حاصل ڪئي. آسٽريليا جي چوٿين وڪيٽ 87 رنسن تي حاصل ڪئي، جڏهن هن مارنس لبوشين کي 6 جي انفرادي اسڪور تي محمد رضوان هٿان ڪيچ آئوٽ ڪرايو ۽ سڄي ٽيم 35 اوور ۾ 163 رنسن تي ڍير ٿي وئي ڪو به رانديگر ڊگهي اننگ نه کيڏي سگهيو، جواب ۾ پاڪستان جي قومي ٽيم جاندار واپسي ڪندي هڪ وڪيٽ جي نقصان تي هدف 26 اوورن ۾ مڪمل ڪري ورتو، پاڪستان طرفان صائم ايوب ۽ عبدالله شفيق ذميواراڻي بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي ففٽيون اسڪور ڪيون ۽ قومي ٽيم جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.