رياض- 06 نومبر (اي پي پي)آمريڪا جي مشهور ٽينس اسٽار، عالمي نمبر ون ۽ ايونٽ جي ٿرڊ سيڊڊ ڪو ڪو گف ڊبليو ٽي اي فائنلز ۾ اورينج گروپ جي مرحلي ۾ عورتن جي سنگلز مقابلن جي سيمي فائنل ۾ پهچي وئي آهي. 20 سالن جي آمريڪي ٽينس اسٽار ۽ عالمي نمبر 03 ڪوڪو گف ڊبليو ٽي اي فائنلز ۾ عورتاڻي سنگلز مقابلن جي اورينج گروپ جي ٻي ميچ ۾ پولينڊ جي مخالف رانديگرياڻي سوئٽيڪ کي شڪست ڏئي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو آهي. ڊبليو ٽي اي جون ميچون سعودي عرب جي گادي واري شهر رياض جي ڪنگ سعود يونيورسٽي ايرينا ۾ جاري آهن .