ڪراچي- 05 نومبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سندس حڪومت صوبائي پوليس کي جديد اوزارن سان ليس ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، سنڌ حڪومت پوليس کي جديد تربيت، ٽرانسپورٽ جي فراهمي، بجيٽ ۾ واڌ ۽ ضروري سامان جي فراهمي ذريعي مضبوط ڪيو آهي. هاڻي صوبي جي عوام جي جان ۽ مال ۽ شهري آزادين جو تحفظ ڪرڻ پوليس جي ذميواري آهي. اهڙو اظهار هن ڪالهه سنڌ پوليس جي ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ ۾ جديد فيوزن سينٽر جو افتتاح ڪرڻ جي موقعي تي ڪيو. هن چيو ته فيوزن سينٽر نيشنل ريڊيو اينڊ ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪارپوريشن پاران قائم ڪيو ويو آهي ۽ جديد ٽيڪنالاجي ۽ انفراسٽرڪچر سان ليس آهي، جيڪو سي ٽي ڊي جي دهشتگردي خلاف صلاحيتن کي وڌيڪ بهتر ڪندو. وڏي وزير چيو ته فيوزن سينٽر جي آپريشنل ۽ ترقياتي ضرورتن لاءِ 24-2023ع جي بجيٽ ۾ 722 ملين رپيا رکيا ويا آهن. سينٽر تمام اسٽيڪ هولڊرن جي آن لائن ۽ آف لائن ڊيٽا لاءِ هڪ مرڪز طور بڻايو ويو آهي ته جيئن وقتائتي تجزئي، رابطن ۽ فيصلا وٺڻ ۾ آساني ٿيندي. سينٽر ذريعي سي ٽي ڊي ڄاڻ جي ڏي وٺ کي بهتر بڻائي دهشتگردي جي ڪيسن جي سائنسي بنياد تي تحقيق ۽ ٻيا سرڪاري ڪم سرانجام ڏئي سگھندا. هن دهشتگردي جي خطري جو پڻ ذڪر ڪيو ۽ پوليس، رينجرز ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي قربانين کي ساراهيو. هن چيو ته اسان جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پنهنجي جانين جو نذرانو ڏئي امن امان برقرار رکڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي. فيوزن سينٽر سنڌ پوليس جي دهشتگردي خلاف صلاحيتن کي وڌائڻ لاءِ هڪ اهم قدم آهي جنهن تحت عوام جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ انٽيليجنس بنياد تي ڪارروائي ڪرڻ کي اوليت ڏني وئي آهي. ان موقعي تي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار پڻ خطاب ڪيو ۽ سنڌ پوليس کي مضبوط ڪرڻ لاءِ وڏي وزير جي سهڪار کي ساراهيو.