ڪراچي- 05 نومبر (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سان آزاد ڄمون ڪشمير جي اطلاعات واري وزير مظھر سعيد شاهه ڪراچي ۾ سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنھي وزيرن قومي مسئلن، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، سنڌ جي معاملن سميت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. آزاد ڪشمير جي اطلاعات واري وزير مظھر سعيد شاهه سان مولانا اعجاز محمود، ملڪ آصف رضا، حسن عاصم، ارقم شاھ ۽ ولي الله تي ٻڌل وفد به ملاقات ڪئي. ملاقات جي موقعي تي سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ وفد کي پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ سنڌ سرڪار پاران صحافين لاءِ کنيل قدمن بابت آگاھي ڏني. سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ميڊيا ۽ اظھار راءِ جي آزادي رڳو ھڪ اصول ناھي پر جمھوريت جو بُنيادي جُز آھي، ميڊيا ھائوسز، صحافين لاءِ بنا ڪنھن خوف ۽ خطري جي آزادي سان ڪم ڪرڻ واري ماحول جي فراھمي سنڌ سرڪار جو عزم آھي، ھڪ متحرڪ ۽ آزاد ميڊيا ھڪ شفاف ۽ جوابده حڪومت لاءِ تمام ضروري آھي. ھن چيو تھ سنڌ سرڪار ميڊيا انڊسٽري ۾ ڊگھي مدي واري ترقي کي ھٿي ڏيڻ لاءِ ڪوششون وٺي رھي آھي، صحافين جي بھتري، ڀلائي، تحفظ، اظھار جي آزادي کي يقيني بڻائڻ شھيد بي بي، پيپلز پارٽي ۽ سنڌ سرڪار جو ويزن رھيو آھي، سنڌ سرڪار پيپلز پارٽي جي قيادت جي رھنمائي ۾ صحافت جي آزادي کي برقرار رکڻ ۽ صحافين جي حقن جي تحفظ لاءِ پرعزم آھي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ آزاد پريس جمھوري معاشري جو ٿنڀ آھي، طاقت کي جوابده بڻائڻ لاءِ اظھار راءِ جي آزادي تمام ضروري آھي، سنڌ سرڪار صحافين، ميڊيا ورڪرز ۽ ميڊيا ھائوسز جي مدد لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آھن. ان موقعي تي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي اطلاعات واري وزير مظھر سعيد شاهه صحافي برادري جي لاءِ سنڌ سرڪار جي ڪاوشن جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته سنڌ سرڪار جا قدم سڄي پاڪستان جي صوبن لاءِ ھڪ ماڊل طور ڪم ڪندا آھن، سنڌ سرڪار جا قدم نھ رڳو صحافين کي فائدو پھچائين ٿا پر ميڊيا جي ادارن جي ساک کي بھ سگهه بخشين ٿا. ھن چيو تھ ڪشمير معاملي تي پيپلز پارٽي ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو موقف بلڪل چٽو ۽ تاريخي رھيو آھي، پرڏيھي وزير طور بلاول ڀٽو زرداري ڀارتي سرزمين تي جنھن ريت ڪشمير جو معاملو اُٿاريو اھو ھڪ تاريخي ڪم ھو. ملاقات جي موقعي تي آزاد ڄمون ڪشمير جي اطلاعات واري وزير مظھر سعيد شاهه، سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ کي ڪشميري چانهه جو تحفو پيش ڪيو، جڏھن تھ سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ معزز مھمان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي اطلاعات واري وزير مظھر سعيد شاهه ۽ وفد جي ٻين ميمبرن کي اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي جو تحفو پيش ڪيو. سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي اطلاعات واري وزير مظھر سعيد شاهه کي يادگار طور هڪ شيلڊ به پيش ڪئي.