اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قطر ۽ سعودي عرب جي دوري دوران لاڀائتيُون ملاقاتون ٿيون، قطر پاڪستان ۾ 3 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جو وچن ڪيو آهي، قطر جو وفد جلد پاڪستان جو دورو ڪندو، پاڪستان ۽ سعودي عرب معيشت ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافي تي اتفاق ڪيو آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معاهدن جو انگ 27 مان وڌي 34 ۽ مجموعي سيڙپڪاري جو ڪاٿو 2 ارب 80 ڪروڙ ڊالر ٿي ويو آهي، وزيراعظم جي سعودي عرب جي دوري دوران سعودي قيادت وڌيڪ 60 ڪروڙ ڊالر جي سيڙپڪاري جو اضافو ڪيو، پاڪستان ۽ قطر جي دوستي ۾ هڪ نئين باب جو اضافو ٿيو آهي، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ قطر جي امير جي وچ ۾ ڪارائتي ڳالهه ٻولهه ٿي، پاڪستان جي ثقافت ۽ فنون لطيفه کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ قطر ۾ خصوصي نمائش منعقد ڪئي وئي، وزيراعظم جي اڪنامڪ ايجنڊا تيزي سان تڪميل تي پهچي رهي آهي، پرڏيهي محاذ تي پاڪستان جي عزت ۽ وقار ۾ اضافو ٿيو آهي، پاڪستان هر عالمي فورم تي معصوم فلسطينين جي لاءِ آواز اٿاريو، دهشتگردي جي خاتمي تي خيبرپختونخواهه حڪومت جو ڪو ڌيان نه آهي، صوبائي حڪومت خيبرپختونخواهه جي عوام جو تحفظ ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي، دهشتگردي کي پاڙ کان پٽڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. پي ٽي وي هيڊڪوارٽرز ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جو سعودي عرب ۽ قطر جو دورو انتهائي ڪامياب رهيو، عوام کي ٻنهي دورن جي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن چيو ته پاڪستان جي معيشت بحالي طرف گامزن آهي، حالتون بهتر کان بهتر ٿينديون پيون وڃن، اسان سڌارن جي مرحلي سان استحڪام طرف وڌي رهيا آهيون، اسان جي معيشت مستحڪم ٿي رهي آهي. سعودي عرب جي دوري ۾ ٿيندڙ ملاقاتون ڪارائتيون رهيون، ملڪي معيشت جي بحالي ۽ استحڪام ۾ سعودي عرب جو اهم ڪردار آهي، تازو ئي سعودي سيڙپڪاري وارو وزير خالد الصالح پاڪستان آيو، هتي ساڻس 27 ايم ايو اوز تي صحيحون ٿيون هيون جن جي ماليت 2.2 ارب ڊالر هئي. هن چيو ته انويسٽمينٽ ڪانفرنس جي سائيڊ لائينز تي سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ملاقات انتهائي خوشگوار ماحول ۾ ٿي. سعودي عرب سان معاهدا حتمي مرحلن ۾ داخل ٿي چڪا آهن، 5 معاهدن تي ڪم شروع ٿي چڪو آهي. سعودي عرب ۽ پاڪستان جي وچ ۾ لاڳاپن ۽ سيڙپڪاري ۽ واپار کي وڌائڻ تي اتفاق ٿيو آهي. هن چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام جي حوالي سان وزيراعظم سعودي عرب جي تعاون تي سعودي ولي عهد ٿورا مڃيا. سعودي عرب جي سيڙپڪاري 2.2 ارب ڊالر مان وڌي 2.8 ارب ڊالر ٿي چڪي آهي، 27 ايم ايو يوز وڌي 34 ٿي ويا آهن، 600 ملين ڊالر جي اضافي سيڙپڪاري سان معيشت تي مثبت اثر پوندو. وفاقي وزير چيو ته ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ دل جو رشتو آهي، سعودي عرب هر سال اسان جي حاجين جي مهمان نوازي جو فرض ادا ڪري ٿو جنهن تي ان جا ٿورائتا آهيون. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته وزيراعظم هر فورم تي فلسطين جو ذڪر ڪيو آهي، هن فلسطين جي معصوم مسلمانن تي اسرائيلي ظلمن جي مذمت ڪئي ۽ ان تي ڳالهه ڪئي ته دنيا ۾ امن جي لاءِ ضروري آهي ته فلسطين ۾ امن قائم ڪيو وڃي، وزيراعظم هر عالمي تي فلسطين جي ڪيس کي فرض سمجهي وڙهيو ۽ معصوم فلسطينين جو آواز بڻيو. وفاقي وزير قطر جي دوري جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته اهو دورو انتهائي اهميت رکندڙ رهيو جنهن جو گڏيل پڌرنامو جاري ٿي چڪو آهي. هن چيو ته قطر ۾ پاڪ قطر دوستي جي حوالي سان تمام گهڻي اڳڀرائي ٿي، اتي پاڪستان جي حوالي سان هڪ نمائش جو اهتمام ڪيو ويو جنهن ۾ پاڪستاني مصورن، فنڪارن ۽ معمارن کي گهرايو ويو، 1947ع کان هيستائين جي پاڪستان جا فن پارا نمائش ۾ پيش ڪيا ويا. ان نمائش سان پاڪستان جي عزت افزائي ٿي. سڄي دنيا مان آيل ماڻهن پاڪستاني فن پارن کي ساراهيو. هن چيو ته اسان قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني ۽ سندس ڀيڻ شيخه المياسه جا ٿورائتا آهيون جن ان نمائش جو اهتمام ڪيو. ان نمائش سان پاڪستان جي عزت افزائي ٿي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ قطر جي امير جي وچ ۾ غيرروايتي گرمجوشي ڏسڻ ۾ آئي. پاڪستاني فن پارا قطر موڪلڻ تي وزيراعظم کي ساراهيو ويو. هن چيو ته قطر پاڪستان ۾ 3 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جو وچن ڪيو آهي، ان سيڙپڪاري سان پاڪستان جي معيشت کي وڌيڪ سگهه ملندي. هن چيو ته پاڪستان جي معيشت ترقي جي راهه تي گامزن آهي. مهانگائي 6.9 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، رڪارڊ پرڏيهي ناڻو پاڪستان آيو، وياج جي شرح ۾ گهٽتائي ٿي، پرڏيهي محاذ تي پاڪستان جي عزت ۾ اضافو ٿيو، دوست ملڪن پاران سيڙپڪاري ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اڪنامڪ ايجنڊا تيزي سان تڪميل تي پهچي رهي آهي. ان ۾ وڌيڪ بهتري ايندي ۽ وقت سان گڏ عام ماڻهو تائين ان جا ثمر پهچندا. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جو 24 سالن کانپوءِ فسڪل سرپلس ۾ ويو آهي، قطر پاڪستان ۾ توانائي، معدنيات، آءِ ٽي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪندو، ان حوالي سان قطر جو وفد جلد پاڪستان جو دورو ڪندو ۽ معاملن کي حتمي شڪل ڏني ويندي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ غيرسنجيده حڪومت آهي، اهي ڪڏهن ڀڄي وڃن ٿا، ڪڏهن لڪي وڃن ٿا، اهي ڪرتب ڪيترا ڏينهن هلندا؟ توهان صحت، تعليم ۽ انفراسٽرڪچر جي شعبن ۾ ڪهڙي بهتري آندي؟ مهانگائي گهٽ ٿي آهي، ان حوالي سان توهان پرائيس ڪنٽرول ڪميٽيون ناهن ٺاهيون، ڌرڻا هڻڻ، ڪنٽينر تي چڙهڻ، گارگند ڪرڻ انهن جا غيرسنجيده معاملا آهن، ماڻهو تمام جلد انهن کي ڳچي مان جهليندا ڇو ته خيبرپختونخواهه ۾ پبلڪ سروس ڊيليوري زيرو تي اچي چڪي آهي. وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت طالبان کي واپس گهرائي رهايو، ان وقت جي وزيراعظم نيشنل ايڪشن پلان جي حوالي سان هڪ به گڏجاڻي نه ڪئي، امن امان ۽ دهشتگردي جي ڪاررواين تي انهن جو ڪو ڌيان نه آهي، خيبرپختونخواهه ۾ سويلين ۽ فوجي جوان شهيد ٿي رهيا آهن، خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير صوبائي معاملا هلائڻ جي اهل نه آهي. هن چيو ته سيڪيورٽي جي حوالي سان وزيراعظم جو ڀرپور ڌيان آهي. وفاقي حڪومت اڳ ۾ به تعاون جي آڇ ڪئي هئي هاڻي به ڪري رهيو آهي، دهشتگردي جو خاتمو حڪومت جي اولين ترجيح آهي، اسان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهيون. هن چيو ته دهشتگردي جي واقعن ۾ وقت سان گڏ گهٽتائي ايندي، حڪومت ان جي تدارڪ جي لاءِ متحرڪ آهي، ان ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏينداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته خيبرپختونخواهه حڪومت پاران لاء اينڊ آرڊر جي حوالي سان لاپرواهي ڏيکاري پئي وڃي، خيبرپختونخواهه جي عوام کي انهن جي حق کان محروم ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته گئس پريشر ۾ گهٽتائي جي حوالي سان پيٽروليم واري وزير سان ڳالهه ٿي آهي، جيڪا بهتري ٿي سگهي ٿي اها آندي ويندي.