ڪراچي-01 نومبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو آهي ته ڏياري عالمي سطح تي ملهايل ڏڻ مان هڪ ڏڻ آهي جنهن کي نئين سال جي آمد کان هندو برادري ان کي پيار ۽ خوشين جي علامت سمجهندي آهي.اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ۾ ڏياري جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.تقريب دوران گورنر هندو برادري کي ڏياري جي ڏڻ جو مبارڪون پڻ ڏنيون. تقريب ۾ مختلف ملڪن جي قونصل جنرلن، ورلڊ ڪلچر فيسٽيول ڪراچي ۾ شرڪت ڪندڙ عالمي فنڪارن ۽ مسٽر يونيورس جي مقابلي ۾ 44 ملڪن جي باڊي بلڊرز کي شڪست ڏئي گولڊ ميڊل کٽيندڙ رميز ابراهيم پڻ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ هندو برادري جي اڳواڻن سميت ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي گورنر سنڌ هندو برادري سان گڏجي ڪيڪ پڻ ڪاٽيو، جڏهن ته هندو برادري کي ڏياري جون واڌايون ڏيندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان هڪ گلدستو آهي، اسان سڀ ان جا خوبصورت گل آهيون ۽ هي گلدستا هميشه خوشبودار رهندا. هن چيو ته پاڪستان ۾ اقليتن کي برابري جا حق حاصل آهن. اقليتون، خاص ڪري هندو برادري، قومي ترقيءَ ۾ برابر جي شريڪ آهي، مان انهن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو.گورنر چيو ته پاڪستان ۾ رهندڙ هر ماڻهو چاهي ان جو ڪنهن به مذهب سان تعلق هجي، هن رياست جو رهواسي آهي ۽ رياست جي نظر ۾ سڀ برابر آهن، مذهب جي بنياد تي ڪنهن به قسم جي اڻبرابري واري سلوڪ جي اجازت نه ڏني ويندي. تقريب ۾ گورنر سنڌ رميز ابراهيم کي گولڊ ميڊل ۽ ورلڊ ڪلچر فيسٽيول ۾ شرڪت ڪندڙ سمورن عالمي فنڪارن کي شال، جناح ڪيپ ۽ ميڊل پڻ ڏنا. مسٽر يونيورس گولڊ ميڊلسٽ رميز ابراهيم پنهنجو گولڊ ميڊل سنڌ جي گورنر جي نالي ڪيو. ان موقعي تي گولڊ ميڊلسٽ رميز ابراهيم چيو ته گورنر سنڌ ڪامران خان ٽيسوري منهنجي حوصلا افزائي ڪئي.