ملتان – 10 آڪٽوبر (اي پي پي ) انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جو مشهور بيٽسمين ۽ اڳوڻو ٽيسٽ ڪپتان جوروٽ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ انگلينڊ طرفان سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ پهريون بيٽسمين بڻجي ويو آهي. 33 سالن جو جوروٽ ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙن جي لسٽ ۾ پنجون نمبر حاصل ڪري ورتو آهي. جوروٽ پاڪستان خلاف ملتان ۾ کيڏيل ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي پهرين ٽيسٽ ميچ جي ٽئين ڏينهن شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي نه رڳو پنهنجي ٽيسٽ ڪيريئر جي 35 هين سينچري ٺاهي پر انگلينڊ طرفان سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ پهريون رانديگر بڻجي ويو.