نيويارڪ – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي برادري کي خبردار ڪيو آهي ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۽ فلسطين ۾ قتل عام ۽ ناجائز قبضو هر ڏينهن هڪ ”نئين جهنم“ کي جنم ڏي ٿو، غزه جي المناڪ سانحي انسانيت کي لوڏي ڇڏيو آهي، فلسطين کي فوري طور تي گڏيل قومن جو مڪمل ميمبر تسليم ڪيو وڃي، تڪرارن جي حل سان گڏوگڏ دهشتگردي، موسمياتي تبديلي ۽ اسلامو فوبيا جي عالمي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي برادري جون گڏيل ڪوششون گهربل آهن، خطي ۾ پائيدار امن حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڀارت کي والاريل ڪشمير ۾ هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدمن کي واپس وٺڻو پوندو، پاڪستان ڪنهن به ڀارتي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏيندو، ”عزم استحڪام“ جي ذريعي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهيون، پاڪستان افغانستان ۾ حالتون جلد کان جلد معمول تي آڻڻ جو خواهشمند آهي، موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي برادري جي واعدن تي عملدرآمد جا منتظر آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ ڪشمير ۽ فلسطين جي تڪرارن، يوڪرين جي جنگ، موسمياتي تبديلي جي مسئلي، دنيا ۾ وڌندڙ غربت ۽ قرضن جي بار سميت ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي مسئلن جو احاطو ڪيو. وزيراعظم پنهنجي تقرير جي شروعات قرآني آيتن سان ڪئي. وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ چيو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي بطور وزيراعظم ٻيو ڀيرو خطاب ڪرڻ وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي، هڪ اهڙي ملڪ جي وزيراعظم جي حيثيت سان جيڪو سدائين گڏيل قومن جي خاندان جو هڪ سرگرم ميمبر رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح 1947ع ۾ قرار ڏنو هو ته اسان گڏيل قومن جي منشور سان گڏ بيٺل آهيون ۽ دنيا جي امن ۽ خوشحالي جي لاءِ خوشي سان پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪنداسين جنهن پختي عزم تي پاڪستان اڃا به قائم آهي. هن چيو ته اڄ اسان کي عالمي نظام جي لاءِ انتهائي ڏکيا چئلينجز درپيش آهن، انهن چئلينجز ۾ غزه ۾ اسرائيل پاران نسل ڪشيءَ جي جنگ، يوڪرين ۾ هڪ خطرناڪ تڪرار، آفريقا ۽ ايشيا ۾ تباهي آڻيندڙ تڪرارن، وڌندڙ جاگرافيائي سياسي ڇڪتاڻ، دهشتگردي جو ٻيهر ڪَر کڻڻ، وڌندڙ غربت، جڪڙيل قرض ۽ موسمياتي تبديلي جا وڌندڙ اثر شامل آهن، اسان هڪ نئين سرد جنگ جي شدت محسوس ڪريون ٿا. هن چيو ته انهن چئلينجن جي ڏس ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ”سمٽ فار فيوچر“ اجلاس گهرايو، هن هفتي جي شروعات ۾ ”پيڪٽ فار فيوچر“ ۾ ترقي، امن ۽ سلامتي، ٽيڪنالاجي ۽ عالمي اسلوب حڪمراني بابت 54 قدمن کي اختيار ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته غزه جي ماڻهن جي خراب حالت تي پاڪستاني عوام پاران ڏک ۽ درد جو اظهار ڪريان ٿو، مقدس سرزمين ۾ رونما ٿيندڙ سانحي کي ڏسندي اسان جي دل رت جا ڳوڙها روئي ٿي، هڪ اهڙو الميو جيڪو انسانيت جي ضمير ۽ هن اداري جي بنياد کي لوڏي ڇڏي ٿو. هن چيو ته جڏهن ٻار پنهنجي تباهه ٿيل گهرن جي ملبي هيٺ دٻيل هجن ته ڇا اسان بحيثيت انسان خاموش رهي سگهون ٿا؟ ڇا اسان انهن مائرن کان اکيون بند ڪري سگهون ٿا جيڪي پنهنجي ٻارن جي بي جان جسمن کي جهولو ڏين ٿيون؟ هي رڳو هڪ تڪرار نه آهي، هي معصوم ماڻهن جو منظم قتل، انساني زندگي ۽ وقار جي روح تي حملو آهي، غزه جي ٻارن جي رت سان نه رڳو ظالمن جا هٿ رڱيل آهن پر انهن ماڻهن جا به جيڪي ان ظالماڻي تڪرار کي ڊيگهه ڏيڻ ۾ شريڪ آهن. هن چيو ته جڏهن اسان انهن جي اڻ ڳڻيل مصيبتن کي نظرانداز ڪريون ٿا ته اسان پنهنجي انسانيت کي حقيقت ڪري ڇڏيون ٿا، رڳو مذمت ڪرڻ ڪافي نه آهي، اسان کي هاڻي عمل ڪرڻو پوندو ۽ ان رتوڇاڻ کي فوري طور تي بند ڪرڻ جو مطالبو ڪرڻ گهرجي، بيگناهه فلسطينين جو رت ۽ قرباني رائيگان نه ويندي، اسان کي ٻه رياستي حل جي ذريعي پائيدار امن جي لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي، اسان کي 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل هڪ قابل عمل، محفوظ، لڳولڳ ۽ خودمختيار رياست فلسطين جي جستجو ڪرڻ گهرجي جنهن جو مستقل گادي وارو شهر القدس الشريف هجي ۽ انهن مقصدن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ فلسطين کي فوري طور تي گڏيل قومن جو مڪمل ميمبر پڻ تسليم ڪرڻ گهرجي. شهباز شريف چيو ته ڪجهه ڏينهن ۾ لبنان تي اسرائيل جي بي رحماڻي بمباري سان عورتن ۽ ننڍڙن ٻارن سميت 500 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي چڪا آهن، گڏيل قومن جي قراردادن تي عملدرآمد ۾ ناڪامي اسرائيل جو حوصلو وڌائي ٿي، اها پوري وچ اوڀر کي هڪ جنگ ۾ ڌڪڻ جو خطرو پيدا ڪري ٿي جنهن جا نتيجا عالمي سطح تي سنگين ۽ تصور کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ ٿي سگهن ٿا. هن چيو ته فلسطين جي عوام وانگر ڄمون ۽ ڪشمير جا ماڻهو به پنهنجي آزادي ۽ خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ هڪ صديءَ کان جدوجهد ڪري رهيا آهن، امن طرف وڌڻ بدران ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير تي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد جي واعدن کان پاسو ڪري ٿو، اهي قراردادون ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کي پنهنجي بنيادي خودمختياري جو حق استعمال ڪرڻ جي ريفرنڊم جو اختيار ڏي ٿي. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع کانپوءِ کان ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير جي لاءِ بدقسمتي سان انهن جي اڳواڻن جي بقول ”حتمي حل“ کي مڙهڻ جي لاءِ هڪطرفا غيرقانوني قدم شروع ڪري رکيا آهن، 9 لک ڀارتي فوجي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن کي ڊگهي ڪرفيو، عدالت کان مٿانهين قتل ۽ هزارين نوجوان ڪشميرين جي اغوا جهڙن خوفناڪ قدمن سان خوفزده ڪري رهيا آهن، ان سان گڏوگڏ هڪ آبادڪار نئين آبادياتي منصوبي تحت ڀارت ڪشميرين جي زمينن ۽ ملڪيتن تي قبضو ڪري رهيو آهي ۽ ٻاهر جي ماڻهن کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آباد ڪري رهيو آهي ته جيئن مسلم اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪري سگهجي، اهو دقيانوسي حربو سمورين قابض طاقتن استعمال ڪيو پر اهو سدائين ناڪام رهيو، ڄمون ۽ ڪشمير ۾ به اهو ناڪام ٿيندو. وزيراعظم چيو ته ڪشميري عوام ان غلط ڀارتي سڃاڻپ کي رد ڪرڻ ۾ پرعزم آهي جيڪو نئين انهن تي مڙهڻ چاهي ٿو ۽ هر گهڙيءَ انهن تي ظلم ڪيا پيا وڃن، والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي وحشياڻي ڏاڍ ۽ ظلم جي پاليسي ان ڳالهه کي يقيني بڻايو آهي ته برهان واني جي ميراث لکين ڪشميرين جي جدوجهد ۽ قربانين کي تحرڪ ڏيندي رهندي، پنهنجي بي مثال جدوجهد جي جائز هجڻ سان تحرڪ حاصل ڪري هو ارڏي انداز ۾ پنهنجي رستي تي ڪاربند آهن، انهن جون دل ڌوڏيندڙ ڪهاڻيون اسان کي ياد ڏيارين ٿيون ته هر انگ اکر جي پٺيان هڪ انساني زندگي لڪل آهي، هڪ خواب منتظر ۽ هڪ اميد وکريل آهي. وزيراعظم چيو ته ان کان به وڌيڪ ڳڻتي جي ڳالهه اها آهي ته ڀارت پنهنجي عسڪري صلاحيتن ۾ وڏي پئماني تي توسيع ۾ مصروف عمل آهي جيڪا حقيقت ۾ پاڪستان جي خلاف صف آرائي آهي، ان جو جنگي نظريو، هڪ اوچتو حملو ۽ ”ائٽمي ڦهلاءُ تحت محدود جنگ“ جو تصور رکندڙ آهي، ڀارت بنا سوچڻ سمجهڻ جي پاڪستان جي هڪ گڏيل ”اسٽريٽجڪ ريسٽرينٽ رجيم“ جي تجويز جو مثبت جواب نه ڏنو، سندس قيادت سدائين لائين آف ڪنٽرول کي پار ڪري ۽ آزاد ڪشمير تي ”قبضو“ ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي. وزيراعظم واضح انداز ۾ چيو ته پاڪستان ڪنهن به ڀارتي جارحيت جو پنهنجي سمورين صلاحيتن سان فيصلائتو جواب ڏيندو، پائيدار امن حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڀارت کي هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدمن کي واپس وٺڻو پوندو جيڪي هن 5 آگسٽ 2019ع کان کنيا آهن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي پرامن حل جي لاءِ ڳالهه ٻولهه شروع ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۽ فلسطين ۾ قتل عام ۽ ناجائز قبضو هر ڏينهن هڪ نئين جهنم کي جنم ڏي ٿو. هن چيو ته تڪرارن کانسواءِ 21هين صديءَ بحرانن جو هڪ سلسلو کڻي آئي آهي جنهن ۾ ترقي جو پلٽجڻ ۽ موسمياتي تبديلي جا وڌندڙ اثر شامل آهن. هن چيو ته ٻه سال اڳ پاڪستان خوفناڪ ٻوڏ کان متاثر ٿيو جنهن سان 30 ارب ڊالر جو نقصان ٿيو، هاڻي اهو واضح آهي ته هر گرمي جي موسم ۾ گرمي پد ۾ شدت ايندي جيڪا نئين موسمياتي اثرن کي هوا ڏيندي، پاڪستان عالمي سطح تي هڪ سيڪڙو کان به گهٽ ڪاربن خارج ڪري ٿو، پوءِ به اسان پنهنجي ڪا غلطي نه هجڻ جي وڏي قيمت ادا ڪئي آهي، اهو عالمي انصاف جي ڪنهن به حساب ڪتاب ۾ غيرمنصفاڻو آهي، اسان کي مڃيل اصول کي قائم رکڻ گهرجي ته آلودگي ڦهلائيندڙ ادا ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان ايس ڊي جيز ۽ موسمياتي هدفن جي ڪاميابين جي حمايت لاءِ پنهنجي ترقي يافته ملڪن جي حصيدارن پاران ڪيل واعدن جي تڪميل جو منتظر آهي جنهن ۾ موسمياتي فنانس ۾ ساليانو 100 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو نئون ساليانو هدف پڻ شامل آهي. شهباز شريف قرضن ۽ ليڪويڊيٽي جي پريشاني جي منحوس دائري کي ”قرض جي ڄار“بدران ”موت جو ڄار“ قرار ڏيندي چيو ته ان ۾ ڦاٿل اٽڪل 100 اسرندڙ ملڪن سان ايس ڊي جيز کي حاصل ڪرڻ هڪ سراب آهي، عالمي مالياتي ڍانچي جنهن کي سيڪريٽري جنرل ”اخلاقي طور تي ڪنگال ٿيل“طور تي بيان ڪيو آهي ۽ عالمي واپار ۽ ٽيڪنالاجي جي نظام جي اصلاح ۽ ترقي ۽ عالمي برابري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ هم آهنگ هجڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته هلندڙ سال مارچ ۾ پنهنجو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ پنهنجي ملڪ جي 24 ڪروڙ عوام جي ڀلائي ۽ خوشحالي اسان جي ڌيان جو محور رهي آهي، اسان مشڪل پر ضروري فيصلا ڪيا آهن جن اسان جي معيشت کي ڪِرڻ کان بچايو آهي، اسان ميڪرو اڪنامڪ استحڪام کي بحال ڪيو، مالياتي خساري تي ضابطو آندو، پنهنجي ذخيرن کي سگهه ڏني جنهن جي نتيجي ۾ مهانگائي هڪ انگ تي اچي وئي آهي. هن چيو ته ڏکڻ ۽ وچ ايشيا ۽ وچ اوڀر جي سنگم تي موجود اسان پنهنجي ماڻهن جي لاءِ هڪ جهڙي طور تي لاڀائتا نتيجا حاصل ڪرڻ جي لاءِ جاگرافيائي معاشي ۽ علائقائي رابطن کي ترجيح ڏني آهي، شاندار چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي ٻئي مرحلي جي ڪاميابي سان شروعات ڪئي وئي آهي. هن چيو ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي ذريعي اسان مستحڪم انفراسٽرڪچر، قابل تجديد توانائي، معدنيات، پائيدار زراعت ۽ ٽيڪنالاجي ۾ سيڙپڪاري کي متحرڪ ڪري رهيا آهيون، اها ترقي ۽ جديديت جي هڪ نئين دور جي شروعات هوندي. شهباز شريف چيو ته ٻن ڏهاڪن کان پاڪستان دهشتگردي جو وڏو بهادري ۽ ڪاميابي سان مقابلو ڪيو آهي، پاڪستان جي اندر دهشتگرد گروهن کي شڪست ڏني آهي، اسان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ وڏي قيمت ادا ڪئي آهي، اسان جا 80 هزار بهادر فوجي ۽ عام شهري شهيد ٿي چڪا آهن جن ۾ اسڪول جا معصوم ٻار به شامل آهن ۽ اي پي ايس جي تلخ يادون اڃا به تازيون آهن، اسان جي معيشت کي 150 ارب ڊالر جو نقصان ٿيو آهي. هن چيو ته بدقسمتي سان اڄ اسان کي هڪ ڀيرو ٻيهر خاص طور تي ٽي ٽي پي/ فتنه الخوارج ۽ ان جي ڪارندن پاران ٻاهرئين مالي مدد ۽ سرپرستي رکندڙ دهشتگردي جي نئين لهر درپيش آهي، ڪا غلطي نه ڪريو، اسان پنهنجي جامع قومي ڪوشش ”عزم استحڪام“ جي ذريعي هڪ ڀيرو ٻيهر ان خطري کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون ۽ اسان عالمي برادري سان گڏجي هر قسم جي دهشتگردي جو مقابلو ڪنداسين ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي عالمي ڍانچي ۾ سڌارا آڻينداسين. هن چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ حالتون جلد کان جلد معمول تي اچڻ جو خواهشمند آهي، اسان لکين مصيبت ماريل افغانين جي لاءِ گڏيل قومن جي 3 ارب ڊالر جي انساني امداد جي لاءِ اپيل ۾ شامل آهيون، ان سان گڏ ئي اسان انهن عالمي اميدن ۾ حصيدار ۽ انهن جي توثيق ڪريون ٿا ته افغان عبوري حڪومت عورتن ۽ ڇوڪرين جي حقن ۽ سياسي شموليت جي فروغ سميت انساني حقن جو احترام ڪندي. هن چيو ته خاص طور تي افغان عبوري حڪومت کي افغانستان جي اندر سمورن دهشتگرد گروهن خاص طور تي پاڙيسري ملڪن جي خلاف سرحد پار دهشتگردي جي ذميوارن کي بي اثر ڪرڻ جي لاءِ موثر ڪارروائي ڪرڻ گهرجي، ان ۾ داعش، القاعده سان واڳيل ٽي ٽي پي/ فتنه الخوارج برگيڊ ۽ بي ايل اي ۽ ٻيا شامل آهن. وزيراعظم چيو ته هڪ ٻيو پريشان ڪندڙ عالمي مسئلو اسلامو فوبيا ۾ اضافو آهي جيڪو قرآن پاڪ جي بي حرمتي، مسجدن تي حملن، مسلمانن بابت منفي دقيانوسي تصورن ۽ ان جي خلاف امتيازي سلوڪ ۽ تشدد جي ڪاررواين مان ظاهر ٿئي ٿو، اسلامو فوبيا جو سڀ کان خطرناڪ اظهار ڀارت ۾ هندو بالادستي جي ايجنڊا آهي، اها جارحاڻي انداز ۾ 20 ڪروڙ مسلمانن کي محڪوم بڻائڻ ۽ ڀارت جي اسلامي ورثي کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش آهي، پاڪستان ۽ او آءِ سي، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ ان جي خصوصي ايلچي سان گڏجي اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ حڪمت عملي تي عملدرآمد ڪندا. هن چيو ته پاڪستان يوڪرين ۾ المناڪ تڪرار جي فوري خاتمي ۽ گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي معاهدن موجب ان جي پرامن حل جو خواهشمند آهي. هن چيو ته پاڪستان جي آفريقا جي ملڪن سان يڪجهتي، دوستي ۽ تعاون جي هڪ ڊگهي ۽ قابل فخر تاريخ آهي، اسان دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻ ۽ علائقائي تڪرارن کي حل ڪرڻ جي لاءِ آفريقا ۾ گڏيل قومن جي امن قائم ڪرڻ ۾ پنهنجي ڪردار جي ذريعي سميت ان سان تعاون اجري رکنداسين. هن چيو ته اسان کي پاڻ سان گڏ پنهنجي ماڻهن جي لاءِ اهو پيغام کڻي وڃڻ گهرجي ته ڪمزور بي آواز نه آهن، مظلوم کي اميد نه ڇڏڻ گهرجي ته ڇو ته غربت اڳ کان مقدر نه آهي ۽ اهو ته اسان جي زمين تي انصاف ۽ برابري جي خدائي حڪمن جي پاسداري ڪئي وڃي. هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس جي صدر کي مبارڪباد ڏيندي ان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78هين اجلاس جي ذميواري سان انجام ڏيڻ تي سفير ڊينس فرانسس جا پڻ ٿورا مڃيا.