نيويارڪ – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قرضن ۽ ليڪويڊيٽي جي پريشاني جي منحوس دائري کي ”قرض جي ڄار“بدران ”موت جو ڄار“ قرار ڏيندي چيو آهي ته ان ۾ ڦاٿل اٽڪل 100 اسرندڙ ملڪن سان ايس ڊي جيز کي حاصل ڪرڻ هڪ سراب آهي، پاڪستان عالمي سطح تي هڪ سيڪڙو کان به گهٽ ڪاربن خارج ڪري ٿو، پوءِ به اسان پنهنجي ڪا غلطي نه هجڻ جي وڏي قيمت ادا ڪئي آهي، اهو عالمي انصاف جي ڪنهن به حساب ڪتاب ۾ غيرمنصفاڻو آهي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته تڪرارن کانسواءِ 21هين صديءَ بحرانن جو هڪ سلسلو کڻي آئي آهي جنهن ۾ ترقي جو پلٽجڻ ۽ موسمياتي تبديلي جا وڌندڙ اثر شامل آهن. هن چيو ته ٻه سال اڳ پاڪستان خوفناڪ ٻوڏ کان متاثر ٿيو جنهن سان 30 ارب ڊالر جو نقصان ٿيو، هاڻي اهو واضح آهي ته هر گرمي جي موسم ۾ گرمي پد ۾ شدت ايندي جيڪا نئين موسمياتي اثرن کي هوا ڏيندي، پاڪستان عالمي سطح تي هڪ سيڪڙو کان به گهٽ ڪاربن خارج ڪري ٿو، پوءِ به اسان پنهنجي ڪا غلطي نه هجڻ جي وڏي قيمت ادا ڪئي آهي، اهو عالمي انصاف جي ڪنهن به حساب ڪتاب ۾ غيرمنصفاڻو آهي، اسان کي مڃيل اصول کي قائم رکڻ گهرجي ته آلودگي ڦهلائيندڙ ادا ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان ايس ڊي جيز ۽ موسمياتي هدفن جي ڪاميابين جي حمايت لاءِ پنهنجي ترقي يافته ملڪن جي حصيدارن پاران ڪيل واعدن جي تڪميل جو منتظر آهي جنهن ۾ موسمياتي فنانس ۾ ساليانو 100 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو نئون ساليانو هدف پڻ شامل آهي. شهباز شريف قرضن ۽ ليڪويڊيٽي جي پريشاني جي منحوس دائري کي ”قرض جي ڄار“بدران ”موت جو ڄار“ قرار ڏيندي چيو ته ان ۾ ڦاٿل اٽڪل 100 اسرندڙ ملڪن سان ايس ڊي جيز کي حاصل ڪرڻ هڪ سراب آهي، عالمي مالياتي ڍانچي جنهن کي سيڪريٽري جنرل ”اخلاقي طور تي ڪنگال ٿيل“طور تي بيان ڪيو آهي ۽ عالمي واپار ۽ ٽيڪنالاجي جي نظام جي اصلاح ۽ ترقي ۽ عالمي برابري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ هم آهنگ هجڻ گهرجي.