ڪراچي- 17 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سموري دنيا جي مسلمانن کي سرور قونين حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جي پيدائش جي موقعي تي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي جهانن جا سردار سموري دنيا لاءِ رحمت بڻجي آيا، اڄ رحمت اللعالمين جي پيدائش جو ڏينهن آهي اڄ اسان کي انهن جي نقش قدم تي هلڻ جو عزم ڪرڻ گهرجي. اڄ اسان کي عزم ڪرڻ گهرجي ته الله جي دين ۽ حضور صلي الله عليه وسلم جي ٻڌايل رستي تي هلي دين ۽ دنيا جي ڪاميابي حاصل ڪريون. اهڙو اظهار هن ڪالهه جشن عيد ميلادالنبي جي جلوس ۾ شرڪت جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي مراد علي شاهه ڪشمير ۽ فلسطين ۾ مسلمانن تي ٿيندڙ ظلمن جو ذڪر ڪيو ۽ دعا ڪئي ته الله تعاليٰ اسلامي دنيا کي ايتري طاقت ڏئي ته جيئن مسلمانن کي ظالمن جي ظلمن کان بچائي سگهي. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته سيڪيورٽي جا مڪمل انتظام ڪيا ويا آهن. هن جلوس ۾ شامل ٿيڻ کان اڳ به ڪيتريون ئي گڏجاڻيون ڪيون آهن. جلوس جي موقعي تي هتي مڪمل سيڪيورٽي پڻ نظر آئي ۽ منتظمين به سيڪيورٽي انتظامن کان مطمئن آهن. وڏي وزير ميمڻ مسجد ۾ انتظاميه سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي سنڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري ۽ ايم ڪيو ايم اڳواڻ فاروق ستار پڻ موجود هئا. وڏي وزير بعد ۾ سينٽرل پوليس آفيس ۾ قائم ڪنٽرول روم جو پڻ دورو ڪيو ۽ اتان جلوس جي سيڪيورٽي جو جائزو ورتو. ان موقعي تي آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ وڏي وزير کي سيڪيورٽي انتظامن بابت بريفنگ ڏني.