ڪراچي-16 سيپٽمبر(اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ، ايڪسائيز، ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول واري وزير شرجيل انعام ميمڻ صوبي ۾ گاڏين جي رجسٽريشن لاءِ بايو ميٽرڪ تصديق کي لازمي قرار ڏيندي چيو آھي ته ھاڻي سمورين نئين ۽ پراڻين گاڏين جي رجسٽريشن يا ٽرانسفر جي عمل دوران بايو ميٽرڪ تصديق لازمي ھوندي، ان سان گاڏين جي غير قانوني منتقلي ۽ شھرين کي دوکي يا فراڊ کان بچائڻ ۾ مدد ملندي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ صوبائي وزير چيو ته نئين پاليسي تحت تبديلي ٽن مرحلن ۾ لاڳو ڪئي ويندي، پھرين جولاءِ کان پھرين مرحلي ۾ نئين گاڏين جي رجسٽريشن لاءِ بايو ميٽرڪ تصديق لازمي ھوندي، ٻئي مرحلي ۾ پھرين نومبر کان گاڏيون خريد ڪندڙن جي بايو ميٽرڪ تصديق ٿيندي، ٽئين مرحلي ۾ گاڏيون خريد ۽ وڪرو ڪندڙ ٻنھي جي بايو ميٽرڪ تصديق ڪئي ويندي.سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اسان ايڪسائيز کاتي ۾ سموري عمل کي وڌيڪ شفاف بڻائڻ لاءِ ڪم ڪري رھيا آھيون ۽ ھي رڳو شروعات آھي، سنڌ سرڪار ان ڳالھ کي يقيني بڻائڻ چاھي ٿي ته سنڌ عوامي خدمتن ۾ ڊجيٽلائزيشن جي حوالي سان اڳتي وڌي.ھن چيو ته گاڏين جي رجسٽريشن ۽ ٽرانسفر ۾ بايو ميٽرڪ تصديق، شفافيت کي ھٿي ڏيڻ لاءِ تمام اھم آھي، بايو ميٽرڪ تصديق سان خريدارن ۽ وڪرو ڪندڙن جي سڃاڻپ ٿي سگھندي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آھي ته گاڏين جا مالڪ بايو ميٽرڪ تصديق جي عمل کي مڪمل ڪرڻ لاءِ نادرا جي ڪنھن به اي سھولت مرڪز يا ايڪسائيز کاتي جي ڪنھن به ضلعي آفيس سان رجوع ڪري سگھن ٿا.