مٺي– 10 – سيپٽمبر (اي پي پي) خودڪشين جي عالمي ڏينهن تي ٿرپارڪر جي ڳوٺ ڌاراڙ ۾ نوجوان وڻ ۾ رسو ٻڌي مبينا خودڪشي ڪري ڇڏي، هلندڙ سال ٿرپارڪر ۾ خودڪشي جي واقعن جو تعداد 102 ٿي ويو آهي. اي پي پي جي رپورٽ مُوجب خودڪشين جي عالمي ڏينهن تي مٺي تعلقي جي ڳوٺ ڌاراڙ ويجهو نوجوان رامچند ولد ڀڳڙو ڀيل وڻ ۾ رسو ٻڌي مبينا خودڪشي ڪري ڇڏي، اطلاع تي پوليس پهچي لاش ڪاروائي جي لاءِ سول اسپتال مٺي منتقل ڪيو، جتان قانوني ڪارروائي مڪمل ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان جو لاش وڻ ۾ ٽنگيل حالت ۾ مليو آهي، نوجوان جا ٻئي پير زمين تي لڳل هئا، پوليس جو چوڻ آهي ته هن معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، واضح رهي ته ٿر ۾ هلندڙ سال 9 مهينن دوران 102 ماڻهن خودڪشيءَ ڪري زندگين جو انت آندو آهي، 102 خودڪشي جي واقعن مان 49 عورتن ۽ 53 مردن پنهنجي زندگيءَ جو ڏيئو اجهايو آهي، جڏهن ته خودڪشي ڪندڙن ۾ 83 هندو ۽ 19 مسلمان شامل آهن.