ڪراچي-10 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان جاپان جي سفير وادا مستوهيرو چيف منسٽر هائوس ۾ ملاقات ڪئي ۽ ٻطرفن لاڳاپن ۽ واپار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي جاپاني سفير چيو ته پاڪستان جاپان کي گارمينٽس ۽ زرعي مصنوعات روانگي واپار ڪري ٿو. جنهن تي وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت جاپان کي انب جو روانگي واپار ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. جاپاني سفير چيو ته سٺي معيار جي انبن جي جاپان ۾ سٺي مارڪيٽ آهي ۽ جاپاني سيڙپڪار پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ چاهين ٿا. مراد علي شاهه کين ٻڌايو ته سنڌ ۾ نوان اقتصادي زون قائم ٿي رهيا آهن. وڏي وزير جاپاني سيڙپڪارن کي سنڌ ۾ سيڙپڪاري جي آڇ ڪئي. ملاقات ۾ سنڌ ۾ ٻوڏ جي تباهي ۽ متاثرن جي بحالي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. مراد علي شاهه چيو ته موسمي تبديلين سبب سنڌ ۾ معمول کان وڌيڪ برسات ٿي آهي.