ڪراچي-10 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري کي ٻطرفن لاڳاپن جي استحڪام ۾ اعليٰ ترين خدمتن تي ايٿوپيا جي اعليٰ ترين پاڪ – ايٿو فريٽرنٽي ايوارڊ سان نوازيو ويو. ڪالهه سنڌ جي گورنر هائوس ۾ منعقد ايٿوپيئن ڪلچر شو ۾ ايٿوپيا جي سفير/خاص ايلچي ڊاڪٽر جمال بيڪر ان موقعي تي ايٿوپيا جي سفير ٻه طرفن عوامي لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ ۾ سنڌ جي گورنر جي ڪردار جي واکاڻ ڪندي چيو ته ٻه طرفن لاڳاپن جي استحڪام ۾ اعليٰ ترين خدمتن تي گورنر کي ايوارڊ ڏنو ويو. سنڌ جي گورنر ايٿوپيئن ايئرلائين شروع ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. گورنر سنڌ ايٿوپيا جو اعليٰ ترين اعزاز ڏيڻ تي ايٿوپيئن سفير ڊاڪٽر جمال بيڪر جا ٿورا مڃيندي چيو ته پاڪ – ايٿوپيا لاڳاپا اڄ انتهائي مستحڪم ٿي چڪا آهن.