ڪراچي-30 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه غربت جي خاتمي واري پروگرام تحت شاگردن ۽ پروفيشنلز لاءِ آئي ٽي جي 9 شعبن ۾ سرٽيفڪيٽ پروگرام شروع ڪرڻ لاءِ 50 ڪروڙ رپين جي منظوري ڏيندي چيو آهي ته پروگرام تحت سرٽيفڪيٽ هولڊرن کي صنعت جي ضرورتن مطابق عملي تربيت ڏني ويندي. اهڙو اظهار هن ڪالهه هڪ اجلاس جي صدارت دوران ڪيو اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، چيئرمين ايڇ اي سي پروفيسر طارق رفيع، وڏي وزير جو سيڪريٽري رحيم شيخ، سيڪريٽري انفارميشن، سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي نور احمد سمون، سيڪريٽري يونيورسٽيز اينڊ بورڊ عباس بلوچ، وي سي اين اي ڊي يونيورسٽي ڊاڪٽر سريش لوڌي، وي سي آءِ بي اي سکر ڊاڪٽر آصف شيخ، وي سي مهراڻ يونيورسٽي پروفيسر طحه حسين، آءِ ٽي کاتي جي ميمبر اياز عقيلي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. سيڪريٽري آءِ ٽي نور سمون وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي چيو ته اين اي ڊي يونيورسٽي ڪراچي ۽ ٿرپارڪر ڊويزن لاءِ آءِ ٽي ڪورسز ڪرائيندي.

مهراڻ يونيورسٽي حيدرآباد، ميرپورخاص ڊويزن ۽ شهيد بينظير آباد لاءِ ڪورس ڪرائيندي جڏهن ته لاڙڪاڻي ڊويزن لاءِ آءِ بي اي سکر ڪورس ڪرائيندي. شروعاتي طور تي 10,000 نوجوانن کي تربيت ڏيڻ لاءِ پروگرام شروع ڪيو پيو وڃي. وڏي وزير مراد علي شاهه پروگرام لاءِ سنڌ جي آءِ ٽي کاتي کي 50 ڪروڙ رپيا جاري ڪري ڇڏيا. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ڪورسز ۾ جاوا، پيٿون، ڊيٽابيس ايڊمنسٽريٽر، گرافڪ ڊيزائنر، اي ڪامرس، ڊجيٽل مارڪيٽنگ، ويب ڊولپر، موبائل ايپليڪيشن ڊولپر ۽ ڊيٽا سائنس سرٽيفڪيٽ شامل آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ سيڪريٽري آءِ ٽي نور احمد سمون ٻڌايو ته ڪورس جو عرصو ٻه مهينا هوندو، هفتي ۾ پنج ڏينهن يعني سومر کان جمعي تائين ڪلاس ٿيندا ۽ هر گروپ ۾ 3 کان 35 شرڪت ڪندڙن تي مشتمل هوندو. پروگرام ٻن مرحلن تي مشتمل هوندو. پهرين مرحلي ۾ آئي ٽي سرٽيفڪيشن، ٻئي مرحلي ۾ هوشيار شاگردن لاءِ مراعتون ڏنيون وينديون. سڀني شرڪت ڪندڙن کي سينٽرن تي سرٽيفڪيٽ ڏنا ويندا. اجلاس جي پڄاڻي تي آءِ ٽي سيڪريٽري سنڌ، اين اي ڊي يونيورسٽي ڪراچي، آءِ بي اي سکر ۽ مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون ويون.