ڪراچي-30 آگسٽ (اي پي پي)سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته ڪراچي سميت سمورن ضلعن ۾ حڪومتي مشينري متحرڪ آھي، سڄي صوبي ۾ جتي جتي مينھن واري صورتحال آھي اسان جا وزير، چيئرمين، ميئر، ڪائونسلر سڀ ماڻھو متحرڪ آھن انتظاميا متحرڪ آھي، وزير اعليٰ سنڌ ذاتي طور تي مينھن سبب متاثر ٿيندڙ علائقن جا دورا ڪري رھيو آھي،آبپاشي وارو وزير بھ بندن تي موجود آھي، اهڙو اظهار هن ڪالهه ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. سنڌ جي سينئر وزير چيو ته سموري صورتحال کي پيپلز پارٽي جي قيادت پاڻ مانيٽر ڪري رھي آھي ۽ اُن سمورن ضلعن ۾ ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز جون ڊيوٽيون لڳايون آھن ته اُھي متاثر ٿيل علائقن ۾ موجود ھُجن. برسات جي صورتحال بابت انگ اکر ٻڌائيندي سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ ۾ سڀني کان وڌيڪ برساتون بدين ضلعي ۾ رڪارڊ ڪيون ويون، بدين جي تعلقي شھيد فاضل راھو ۾ سڀني کان وڌيڪ 190 ملي ميٽر مينھن رڪارڊ ڪيو ويو، تعلقي بدين ۾ 168 ملي ميٽر، ماتلي ۾ 164 ملي ميٽر، تلھار ۾ 118 ملي ميٽر، مينھن رڪارڊ ڪيو ويو، حيدرآباد ۾ 101، حيدرآباد جي ٻھراڙي وارن علائقن ۾ 96 ملي ميٽر، لطيف آباد ۾ 101 ملي ميٽر ۽ قاسم آباد ۾ 168 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي، ميرپور خاص ۾ 157، ڊگھڙي ۾ 159 ايم ايم شجاع آباد ۾ 145 ايم ايم، سنڌڙي ۾ 136 ايم ايم مينھن رڪارڊ ڪيو ويو، پٿورو عمرڪوٽ ۾ 127 ايم ايم، ڪنري ۾ 120 ايم ايم ۽ عمرڪوٽ ۾ 115 ملي ميٽر مينھن رڪارڊ ڪيو ويو. ھن چيو ته برساتن دوران ڪنھن به ھنگامي صورتحال کي مينھن ڏيڻ جي لاءِ اسان جي ڪوششن تي حيسڪو ۽ سيپڪو جي موٽ ھاڪاري نه ھئي، وفاقي حڪومت سان ڳالهه ڪئي آھي، پاڻي جو نيڪال اُن وقت ممڪن آھي جڏھن پمپنگ مشينون ھلي رھيون ھجن، اسان وٽ گھڻي ڀاڱي مشينون بجلي تي ھلڻ واريون آھن، بجلي جي ڪري مسئلن جو منھن ڏسڻو پيو آھي. ان موقعي تي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري گذريل ڏينھن سولر پينل ورھايا آھن، اھڙي قسم جو رليف پاڪستان جي تاريخ ۾ نھايت اھم آھي، ايئن ناھي ته اسان رڳو ٻن مھينن جو رليف ڏئي رھيا آھيون، پيپلز پارٽي جي ليڊر شھيد محترما بينظير ڀٽو ٿرڪول جو خواب ڏٺو، پاڪستان جو مستقبل ۽ پاڪستان جي تقدير ٿرپارڪر جو ڪوئلو ئي تبديل ڪندو، اسان جو ايندڙ نسل ڏسندو ته ٿرپارڪر جي بجلي سان ٺھڻ واري بجلي ايڪسپورٽ ٿيندي، پاڪستان جي سستي ترين بجلي ٿرپارڪر جي ڪوئلي مان ٺھي رھي آھي. ھن چيو تھ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ کي ايٽمي قوت بڻايو، اڄ ڪوبه ملڪ پاڪستان ڏانھن ميري اک سان ڏسي نٿوسگھي، شھيد بي بي ھن ملڪ کي ميزائيل ٽيڪنالوجي ڏني جيڪو ملڪي دفاعي صلاحيت جي لاءِ ھڪ تمام وڏو ڪارنامو ھو، صدر آصف علي زرداري شھيد بي بي جي ويزن کي اڳتي وڌائيندي ٿرپارڪر جو ڪوئلو ڪڍيو، اسان جو مقصد رڳو ڪجهه ماڻھن کي خوش ڪرڻ ناھي، ٿرپارڪر جي ڪوئلي سان پاڪستان جو مستقبل تبديل ٿي ويندو، پاڪستان جي تقدير جو سڀني کان وڏو انقلاب ٿرپارڪر جي ڪوئلي مان ايندو. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ٻه لک خاندانن کي سولر پينل ذريعي مفت بجلي فراھم ڪرڻ وڃي رھيو آھي، بي آءِ ايس پي جي ڊيٽا تحت ٻه لک ضرورتمند خاندان کي تاحيات مفت بجلي ملندي، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو اھو قدم انقلابي قدم آھي، پاڪستان جي ڪنھن به صوبي ۾ ايئن مفت ۾ سولر ناھن ڏنا ويا جيئن چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن تحت سنڌ سرڪار ڏئي رھي آھي. ھن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام اڄ تائين ھلي رھيو آھن، حڪومتون اينديون وينديون رھيون، پروگرام جو نالو تبديل ڪيو ويو، پر ھي پروجيڪٽ ايترو ته بھترين آھي جو ڪوبه اُن کي بند ڪري نه سگھيو، پيپلز پارٽي اُھي ڪم ڪيا آھن، جن سان ماڻھن کي سڄي زندگيءَ رليف ملندو. ھن چيو ته ٿرڪول، سولر انرجي، يا اسپتالن سميت جيڪي به ٻيون سھولتون سنڌ سرڪار فراھم ڪري رھي آھي، اهڙي قسم جون سھولتون ٻيو ڪوبه صوبو نه پيو ڏئي، جيڪي ماڻھون وڏيون دعوائون ڪندا آھن، اُنھن جي صوبن مان ماڻھو علاج جي لاءِ سنڌ ايندا آھن، اسان سندن آجيان ڪريون ٿا، اسان جون ھي سھولتون پوري پاڪستان لاءِ آھن، اسان جو ويزن انسانيت دوستي تي ٻڌل آھي، پوري دُنيا مان ماڻھو سائبر نائف سان علاج لاءِ اچي رھيا آھن. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته باقي صوبا اسان جي ماڊل تحت ڪم ڪن، باقي صوبا به اين آءِ سي وي ڊيز ٺاھين، سائبر نائيف آڻين، جگر ۽ گردي جي مفت ٽرانسپلانٽ جي سھولت فراھم ڪن، اسان سندن مدد ڪنداسين، ان سان ھر پاڪستاني کي سھولت ملندي ۽ قيمتي جانيون بچي سگھنديون. ھن چيو ته پيپلز پارٽي رڳو ڳالھيون ناھي ڪندي، اسان عمل ڪندا آھيون، اسان ڏيکاءُ ناھيون ڪندا، اسان جديد منصوبن تي ڪم ڪري رھيا آھيون، اسان جي ھائوسنگ پروجيڪٽ کي بين الاقوامي ايوارڊز مليا آھن، سنڌ سرڪار زندگي جي ھر شعبي ۾ محنت ڪري رھي آھي، اي وي بسز، پنڪ بسز، اسان متعارف ڪرايون، ھاڻي پھرين اي وي ٽيڪسي متعارف ڪرائڻ وڃي رھيا آھيون، ھي ختم نه ٿيڻ جوڳو باب آھي، هن چيو ته منشيات خلاف سنجيده ڪريڪ ڊائون جاري آھي ۽ اُن کي وڌيڪ تيز ڪيو ويندو، نجي محفلن ۽ گھرن ۾ به منشيات جي واھپي کي روڪينداسين، اسان جي منشيات فروشن سان جنگ آھي، سنڌ پوليس، پاڪستان رينجرز، اي اين ايف، ايڪسائز نارڪوٽڪس ڪنٽرول جو عزم آھي ته منشيات جو ھر صورت ۾ خاتمو آندو وڃي، اين جي اوز جي اسڪروٽني ڪرڻي پوندي، ھڪ فيس بوڪ پيج کي به پڪڙيو آھي، جنھن تحت منشيات وڪرو ڪئي ويندي ھُئي، وڏن وڏن واقعن پُٺيان محرڪ منشيات آھي. ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو ته پي ٽي آءِ کي 2018 ۾ مصنوعي طور تي حڪومت ڏني وئي ۽ شرمناڪ ڳالھ اھا آھي ته پي ٽي آءِ وٽ مينڊيٽ ئي نه ھو، پي ٽي آءِ ساڍن ٽن سالن ۾ ملڪ جو جيڪو حشر ڪيو اھو به سڀني جي سامھون آھي، پي ٽي آءِ اڄ تائين ڪوبه ذڪر جوڳو ڪم ناھي ڪيو، گارگند، سوشل ميڊيا تي بدتميزي، 9 مئي پي ٽي آءِ جا ڪارناما آھن، ھر قسم جي ڪريل گفتگو پي ٽي آءِ جي ليڊرشپ اسان جي نوجوان نسل کي ڏني، ھي ھڪ سياسي مافيا آھي، جنھن سوشل ميڊيا ذريعي نوجوان نسل کي گمراھ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ھن مافيا ھن ملڪ سان جيڪو ڪجهه ڪيو اھو سٺو نه ھو، پي ٽي آءِ، ليڊرن جي گھرن کان وٺي تنظيم جي سطح تائين ڀڃ ڊاھ جو شڪار آھي، ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو ته ايم ڪيو ايم اسان جي اتحادي ناھي، وفاقي حڪومت ۾ اسان نه پر ايم ڪيو ايم اتحادي آھي، ايم ڪيو ايم وٽ ڪرڻ لاءِ ھن وقت بيانن کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناھي، سندن بيانن کي آئون سنجيدھ نه وٺندو آھيان اوھان به نه وٺندا ڪريو. ھڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته بلوچستان ۾ ٿيل واقعا افسوسناڪ آھن، بيگناھ ۽ پورھيتن کي شھيد ڪيو ويو، فورسز تي حملا ڪيا ويا، ھٿيار ڪڏھن به مسئلي جو حل نه ھوندا آھن، بلوچستان جا واقعا سنگين دھشتگردي وارا آھن، وفاقي حڪومت چيو آھي ته اُھا دھشتگردن خلاف سختي سان ڪارروائي ڪندي، اسان سندس سپورٽ ڪنداسين.