حيدرآباد-30 آگسٽ (اي پي پي) تعليمي بورڊ حيدرآباد پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب تعليمي بورڊ حيدرآباد جي ماتحت سمورن ڪاليجن ۽ اسڪولن جي انتظاميا کي آگاه ڪيو وڃي ٿو ته انٽرڪاليجز ٽورنامنٽس سال 2024-25 ڊسمبر ۾ منعقد ڪيا ويندا. انٽر ڪاليجز ٽورنامينٽس ۾ دادو، بدين، حيدرآباد، ڄامشورو، مٽياري، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊوالهيار، ٺٽو ۽ سجاول ضلعي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي حصو وٺڻ جي دعوت ڏني وئي آهي. پڌرائي موجب انٽرڪاليجز ٽورنامنٽس جي راندين ۾ ايٿليٽس، باسڪٽ بال ، بيڊمنٽن ، باڊي بلڊنگ ، ڪرڪيٽ ڪراس ڪنٽري ، سائيڪلنگ ، فٽ بال، هاڪي، ٽيبل ٽينس سميت 13 رانديون شامل ڪيون ويون آهن، ٽورنامينٽ ۾ شامل راندين ۾ شاگرد ۽ شاگردياڻيون پنهنجي اسڪولن ۽ ڪاليجن ذريعي پنهنجي پسند جي راند ۾ حصو وٺڻ لاءِ 10 ڊسمبر 2024 تائين چونڊ ڪري سگهندا. تعليمي بورڊ حيدرآباد پاران ٽورنامينٽ ۾ حصو وٺندڙ شاگردن جي عمر جي حد 20 سال مقرر ڪئي آهي جڏهن ته هڪ سئو رپيا داخلا فيس پڻ مقرر ڪئي وئي آهي.