ڪراچي-28 آگسٽ (اي پي پي) سماجي تنظيم سافڪو، ڊي اي آءِ جي سھڪار سان ” بلدياتي نظام جي بھتري ۽ ان جي قانونسازي ۾ سڌارن جي حوالي سان ڪالهه هتي هڪ مقامي هوٽل ۾ صوبائي ڪانفرنس ڪوٺائي. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سعيد غني چيو ته بلدياتي نظام کي پرويز مشرف تڪراري بڻايو اسان ان نظام کي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، مڪاني ادارن سان شھر ۽ ملڪ ترقي ڪندا آھن. ميٽرو پوليٽن شھرن کي پنهنجا اختيار آھن اھي ساڳيا اختيار ضلعي ڪائونسل کي ناھن. سڌريل ملڪن ۾ مڪاني ادارا ترقي جو ڪارڻ بڻيل آھن. ڪوشش ڪريون تا ته بلدياتي قانون کي وڌيڪ بھتر بڻايون. مڪاني چونڊيل نمائندن کي تربيت جي ضرورت آھي ته جيئن کين پنهنجي اختيارن بابت خبر ھجي اڪثر ماڻهو اچن ٿا ته چيئرمين نٿا ٻڌن پر انھن کي پنهنجي اختيارن جي خبر ئي ناھي ۽ نه ئي عوام کي به مڪاني ادارن بابت ڪا گهڻي ڄاڻ آھي. ان موقعي تي عورتن جي ترقي ۽ ڀلائي واري وزير شاھينا شير علي چيو ته بلدياتي نظام جھموريت جو ئي نظام آھي جھموريت جي مضبوطي بلدياتي نظام سان ئي ممڪن آھي. سنڌ ۾ بلديات جي حوالي سان چونڊيل بلدياتي نمائندن کي ڄاڻ جي کوٽ آھي. برٿ يا ڊيٿ سرٽيفڪيٽ لاءِ به ماڻهو چڪر پيا ڪاٽيندا آھن. ھن چيو ته عورتن جو بلدياتي نظام ۾ اھم ڪردار آھي. بلديات واري کاتي جي سيڪريٽري خالد حيدر شاھ چيو ته مڪاني ادارن لاءِ 160 ارب روپيا مختص ٿيل آھن. يونين ڪائونسل ۽ ڪاميٽين جي بجيٽ ٻيڻي ڪري چڪا آھيون. اھي پنهنجي ٽيڪس مان رڳو 6 ارب روپيا گڏ ڪن ٿا. مڪاني ادارن ۾ بھتري جي ضرورت سدائين رھندي آھي۔ سافڪو جي سربراھ سليمان جي ابڙو چيو ته خيرپور ضلعي ۾ اسان يونين ڪائونسلن جي نوجوانن، اقليتي نمائندن کي آگاھي پروگرام ذريعي تربيت ڏني ته اھي مڪاني نظام کي ڪيئن اثرائتو بڻائين ۽ عوام لاءِ ڪارآمد ٿي سگھن ٿا پروجيڪٽ مڪاني نمائندن ۽ مٿيئن سطح جي اسٽيڪ ھولڊرز کي پاڻ ۾ ملائڻ لاء ھڪ پل جو ڪردار ادا ڪري ٿو. معاشي ماهر قيصر بنگالي چيو ته بنيادي سھولتن جي اڻھوند سبب ڪراچي جو ماڻهو ورھائجي ويو آهي ۽ ھاڻي ناظم آباد جو ماڻهوءَ ڪلفٽن نٿو اچي جو ٽرانسپورٽ ناھي. ڪراچي ۾ ڪو به گورننس جو نظام ناھي بجلي جو نظام ناهي. آئين ۾ صرف بلدياتي نظام جو ذڪر آھي نظام ڪيئن ھوندو اھا صوبائي حڪومت جي مرضي آھي. ھاڻي جيڪو ڪي ايم سي وٽ ھڪ ڪم رھيو ھو ڪچرو کڻڻ وارو اھو به صوبائي حڪومت پئي ڪري. ڪراچي ۾ پاڻي جي نيڪال توڙي فراھمي بلديات جي ذميواري آھي پر اھو نٿي ڪري. جڏهن ته ڪانفرنس جي شروعات سافڪو جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي چيئرمين جي آجياڻي سان ٿي، جنهن ۾ هُن ڪانفرنس جي مقصدن بابت آگاهي ڏني، جڏهن ٻين کانسواءِ جامي چانڊيو، شاھد جتوئي، منگلا شرما، مھناز رحمان، افتخار خان ۽ اسما ڪرن ۽ ٻين پڻ ڪانفرنس کي خطاب ڪيو.