ڄامشورو-07 آگسٽ (اي پي پي) شهيد الله بخش سومرو (سيبس) يونيورسٽي آف آرٽ، ڊيزائن اينڊ هيريٽيجز ڄامشورو ۾ پهريون انٽرنيشنل سمپوزيم ”ايڪو آرٽ، گرين لطيف-فطرت ۽ ثقافت“ پنهنجي پڄاڻي تي پهتو. سينٽر فار نالج ڊولپمينٽ جي سهڪار سان منعقد ٿيل سيمپوزيم آرٽ، ڊيزائن ۽ فطرت جي حوالي سان هڪ اهم پليٽ فارم طور ڪم ڪيو. سمپوزيم جي پجاڻي تقريب ۾ محققن، آرگنائيزرن ۽ رضاڪارن ۾ سرٽيفڪيٽ ورهايا ويا. ٻن ڏينهن واري تقريب ۾ مختلف قسم جون سرگرميون پيش ڪيون ويون، جن ۾ شاعري، آرٽ، ميٿميٽڪس تي ٻڌل ريسرچ سينٽر، ايڪو آرٽ نمائش، سيبس يونيورسٽي ۽ سينٽر فار نالج ڊولپمينٽ وچ ۾ معاهدي تي صحيحيون ۽ ايڪو آرٽ لطيف گارڊن جو افتتاح شامل هئا. شاهه لطيف جي شاعريءَ جي مختلف پهلوئن تي اٽلي، آسٽريليا، ڀارت ۽ پاڪستان جي سمورن صوبن مان 15 اسڪالرن پنهنجا تحقيقي مقالا پيش ڪيا.

سمپوزيم ۾ پينل مباحثا ۽ ورڪشاپ پڻ شامل هئا. آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي ۾ منعقد ڪيل پڄاڻيءَ واري تقريب کي خطاب ڪندي سيبس يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اربيلا ڀٽو چيو ته شاهه عبداللطيف انسانيت، محبت، امن، خوشحالي ۽ مثبت جو پيغام ڏنو ۽ سيبس يونيورسٽي ان پيغام کي هٿي ڏيندي پنهنجو نعرو بڻايو آهي. هن چيو ته سيبس يونيورسٽي ڄامشورو، سينٽر فار نالج ڊولپمينٽ ۽ يونيورسٽي آف سوفي ازم اينڊ ماڊرن سائنسز ڀٽ شاهه جي سهڪار سان تصوف، فن، سائنس، رياضي ۽ ٽيڪنالاجي کي هڪ پليٽ فارم تي آڻڻ لاءِ هڪ بهترين قدم کنيو آهي ته جيئن نوجوان نسل کي پنهنجي ڌرتيءَ جي پاڙن سان ڳنڍي سگهجي. ڊاڪٽر ڀٽو چيو ته علم جي ڳولا لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي وسيع گنجائش موجود آهي ۽ سيبس يونيورسٽي ڄامشورو ان خال کي ڀرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ته جيئن ادارو مستقبل ۾ پاڻڀرو بڻجي سگهي. سينٽر آف نالج ڊولپمينٽ جي سي اي او پريم مٿراڻي ۽ چيف آرگنائيزر فضل الاهي خان ٻن ڏينهن واري سمپوزيم کي ڪامياب بڻائڻ تي سمورن محققن ۽ شرڪت ڪندڙن جا ٿورا مڃيا.آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي ۾ هڪ پينل ڊسڪشن ٿيو، جنهن ۾ ناليوارن آرٽسٽن سماج ۾ آرٽ ۽ ڊزائن جي اهميت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڪانفرنس جي پڄاڻي موسيقيءَ جي پروگرام سان ٿي، جنهن ۾ مشهور گلوڪار ڊاڪٽر ذوالفقار قريشي ان جو مظاهرو ڪيو.