پيرس -05 آگسٽ (اي پي پي ) اولمپڪ گيمز جي ايٿليٽڪس مقابلن ۾ آمريڪا جي نوح ليلس 100 ميٽرن جي ڊوڙ ۾ سون جو ٻلو کٽي ورتو . فرانس جي گادي واري شهر پيرس ۾ اولمپڪس جا دلچسپ مقابلا جاري آهن. مردن جي 100 ميٽر ڊوڙ جي مقابلن ۾ آمريڪا جي 27 سالن جي نوح ليلس بهترين ڪارڪردگي سبب مفاصلو 9.79 سيڪنڊن ۾ طئي ڪري سون جو ٻلو حاصل ڪري ورتو، جڏهن ته جميڪا جي 23 سالن جي سوئمر ڪشاني ٿامسن ٻئين نمبر تي رهي چاندي جو ۽ آمريڪا جي 29 سالن جي فريڊ ڪيرلي ٽئين نمبر تي رهي ڪانسي جو ٻلو حاصل ڪيو.