ڪراچي – 01 آگسٽ (اي پي پي ) سنڌ ۾ برسات کي نظر ۾ رکندي سمورن کاتن کي هاءِ الرٽ رهڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو آهي. سنڌ جي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه ان سلسلي ۾ سمورن ڊويزنل ڪمشنرن ۽ ريسڪيو 1122 کي هدايت ڪندي سمورن مقاني ادارن ۽ صحت کاتي ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، جڏهن ته پي ڊي ايم اي کي هنگامي اوزار، مشينري، ڊي واٽرنگ پمپس ۽ عملي جي دستيابي يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏنو آهي. سنڌ جي چيف سيڪريٽري چيو آهي ته شهري علائقن مان برسات جي پاڻي جي نيڪال کي يقيني بڻايو وڃي ۽ سمورا ادارا موسميات کاتي سان رابطي ۾ رهن.