ڪراچي- 30 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير رانا تنوير وچ ۾ وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پاڪستان اسٽيل مل جي بحالي ۽ اضافي زمين تي اسپيشل اڪنامڪ زون قائم ڪرڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون ۽ هڪ اجلاس منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ صنعت وارو صوبائي وزير ڄام اڪرام ڌاريجو، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، سيڪريٽري صنعت ياسين شر شرڪت ڪئي. جڏهن ته وفاقي وزير جي معاونت صنعتن واري وفاقي سيڪريٽري سيف انجم ۽ سندس ٽيم ڪئي. وڏي وزير چيو ته اسپيشل اڪنامڪ زون قائم ڪرڻ جي منصوبي تي 30 مئي 2024ع تي ڪابينا ۾ تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. هن وڌيڪ چيو ته سندس ڪابينا وفاقي حڪومت کي تجويز ڏني ته پاڪستان اسٽيل مل جي اضافي زمين تي اسپيشل اڪنامڪ زون قائم ڪيو وڃي. مراد علي شاهه چيو ته سندس ڪابينا جي راءِ آهي ته پاڪستان اسٽيل ملز پلانٽ لاءِ رکيل 700 ايڪڙ زمين اسٽيل مل پلانٽ جي بحالي يا نئين اسٽيل مل جي قيام لاءِ رکي وڃي، ھن مقصد لاءِ واڌو زمين جي بنياد تي ڪم ڪرڻ گهرجي. جنهن تي وفاقي وزير راڻا تنوير تجويز ڏني ته وفاقي حڪومت صوبائي حڪومت کي پراڻي اسٽيل مل پلانٽ بحال ڪرڻ يا 700 ايڪڙن تي نئون پلانٽ لڳائڻ جي اجازت ڏيڻ لاءِ تيار آهي. وڏي وزير چيو ته 4840 ايڪڙ زمين وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن لاءِ اسپيشل اڪنامڪ زون ايس ايز قائم ڪرڻ لاءِ استعمال ٿي سگهي ٿي. راڻا تنوير چيو ته وفاقي حڪومت اسپيشل اڪنامڪ زون کي پنهنجي وسيلن سان ترقي ڏياريندي ۽ ان کي چين جي سيڙپڪارن جي حوالي ڪندي. مراد علي شاهه چيو ته سمنڊ جي ويجهو هجڻ سبب اسپيشل اڪنامڪ زون جو بنيادي شين پاڻي ۽ گئس جي بنيادي سهولتن سان ليس هوندو. هن وڌيڪ چيو ته ايس ايم ايز کي ملڪ جي بهترين زونن مان هڪ بڻائڻ لاءِ اهي سهولتون اهم آهن. صوبائي ۽ وفاقي حڪومت ڪاغذي ڪارروائي کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ته جيئن زون کي فوري طور تي قائم ڪري سگهجي. اسپيشل اڪنامڪ زون سان روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ ملڪي معيشت ۾ بهتري ايندي. وڏي وزير چيو ته هو وفاقي حڪومت جي سهڪار سان پاڪستان اسٽيل ملز کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت بحال ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندو ته جيئن هن قومي اثاثن کي روزگار ۽ معاشي ترقي لاءِ استعمال ڪري سگهجي. مراد علي شاهه چيو ته سندس حڪومت زرعي معيشت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ فصلن جي پوک جا نمونا متعارف ڪرائڻ، صنعتي شعبي کي مضبوط ۽ بحال ڪرڻ ۽ نوجوانن کي فني تعليم ڏيڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي. ٽيڪنيڪل ۽ نان ٽيڪنيڪل افرادي قوت وڌائڻ سان انهن کي صنعتي شعبي سان وابسته ڪيو ويندو.