ڪراچي – 30 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر محمد ڪامران خان ٽيسوري چيو آهي ته جيڪڏهن 10 لک نوجوانن کي انفارميشن ٽيڪانلاجي جي تعليم سان سنواريو وڃي ته پاڪستان ماهوار 12 ارب ڊالر مٽاسٽا وارو ناڻو ڪمائي سگهي ٿو، گورنر هائوس 50 هزار نوجوانن کي آءِ ٽي جي جديد ڪورسز جا موقعا فراهم ڪري رهيو آهي جڏهن ته ساڍا 4 لک شاگردن ۽ شاگردياڻين کي آن لائين سکيا ڏني پئي وڃي. اهڙو اظهار هن ”اي پي پي“ سان ڳالهائيندي ڪيو. سنڌ جي گورنر چيو ته حيدرآباد جي 80 هزار نوجوانن آءِ ٽي ڪورس جي ٽيسٽ ۾ شرڪت ڪئي ۽ اٽڪل 50 هزار نوجوانن کي آءِ ٽي ايڊوانس ڪورسز لاءِ چونڊيو ويندو. سنڌ جي گورنر چيو ته نوجوان گورنر هائوس ۾ ايڊوانسڊ آءِ ٽي ڪورسز ڪري ماهوار 600 کان 800 ڊالر ڪمائي رهيا آهن. هن چيو ته جيڪڏهن اسان ملڪ جي گهٽ ۾ گهٽ 10 لک نوجوانن کي آءِ ٽي جي تعليم فراهم ڪيون ته اسان پاڪستان ۾ اربين ڊالر آڻڻ جي قابل ٿي وينداسين جنهن جي نتيجي ۾ ملڪي معيشت مستحڪم ٿي سگهي ٿي. پنهنجي ويزن جي وضاحت ڪندي گورنر چيو ته گورنر جو عهدو سنڀاليندي ئي ملڪ ۽ صوبي لاءِ ڪجهه بهتر ڪرڻ جو عزم ڪيو هو ۽ ان مقصد لاءِ آءِ ٽي جي شعبي جي چونڊ ڪئي اٿم. هن چيو ته نوجوانن کي سکيا ڏيڻ واسطي گورنر هائوس جي چونڊ ڪئي وئي ته جيئن هو پنهنجي صلاحيتن کي ملڪ جي معاشي استحڪام لاءِ استعمال ڪري سگهن. ڪامران ٽيسوري چيو ته هو اهڙي طرح جي تربيتي سهولتن کي ٻين شهرن تائين به پهچائيندو ۽ ان مقصد لاءِ حيدرآباد کي پهرين ئي چونڊيو ويو آهي. هن چيو ته تازو ئي نياز اسٽيڊيم ۾ نوجوانن جي چونڊ لاءِ هڪ ٽيسٽ ورتي وئي ۽ 80 هزار نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون امتحان ۾ شريڪ ٿيا. هن اميد ڏيکاري ته صوبي جي ٻيو نمبر وڏي شهر جي 50 هزار نوجوانن کي آءِ ٽي جي شعبي ۾ مهارت حاصل ڪرڻ جا موقعا ملندا.