حيدرآباد- 30 جولاءِ (اي پي پي) دهشتگرديءَ جي خاتمي واري اداري جي اهلڪارن گذريل رات ڄامشورو مان مقابلي کانپوءِ 14 آگسٽ تي تخريبڪاري جي منصوبا بندي ڪندڙ 2 دهشتگردن شوڪت ۽ نعيم ملوڪاڻي کي گرفتار ڪري، سندن قبضي مان 500 گرام بارودي مواد، هينڊ گرنيڊ، بال بيرنگ، نٽ بولٽ، پسٽل ۽ گوليون هٿ ڪيون آهن. ان سلسلي ۾ ايس پي، سي ٽي ڊي عامر عباس شاه ۽ انچارج آصف حيات اڱاري ڏينهن پنهنجي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ٻڌايو ته گرفتار ٿيل دهشتگردن جو تعلق ڪالعدم تنظيم ايس آر اي سان آهي، جيڪي پنهنجي ڪمانڊر معشوق قمبراڻي جي هدايتن تي ڪارروائيون ڪندا رهيا آهن. 11 مئي تي انهن حيدرآباد ۾ بم ڌماڪو ڪري ريلوي ٽريڪ کي به اڏائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. جڏهن ته شوڪت ملوڪاڻي ۽ ان جو ساٿي ساجن پاڪستان ملي مسلم ليگ نواب شاه جي اڳواڻ سردار حسين آرائين جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ به ملوث آهن، هنن ٻڌايو ته گرفتار ٿيل دهشتگرد شوڪت ۽ نعيم ملوڪاڻي انڊين ايجنسي ”را“ جي فنڊنگ تي پاڪستان ۾ ڪارروائيون ڪري رهيا هئا.