ڪراچي-29 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه آبپاشي کاتي کي آبادگارن کي فصلن جي پوکيءَ لاءِ پاڻي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ايل بي او ڊي سسٽم گهڻو متاثر ٿيو، پراڻن قدرتي وهڪرن جي بندش سبب زمينون پاڻي هيٺ اچڻ لڳيون هُيون، نوابشاهه، سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ بدين ۾ پراڻا قدرتي لنگهه بحال ڪري ڇڏيا آهن، هاڻي انهن علائقن جي زمينن کي اپ گريڊ ڪيو ويندو ۽ زرعي سامان، مشينري، ٽيوب ويل، سولر ۽ ننڍن ۽ وچولي آبادگارن کي زراعت کاتي جي نظام يا سمارٽ ايريگيشن سسٽم کي سبسڊي جي شرح تي سهولت ڏني ويندي. اهڙا فيصلا سنڌي جي وڏي وزير جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ ڪيا ويا. ان موقعي تي رٿابندي ۽ ترقي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه، آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو، زراعت واري صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو بقاءُ الله انڙ، سيڪريٽري زراعت رفيق ٻرڙو، ناڻي واري سيڪريٽري فياض جتوئي ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. وڏي وزير چيو ته آئُون ننڍي ۽ وچولي هارين ۽ آبادگارن کي رعايتي قيمتن تي زرعي سامان، مشينري، ٽيوب ويل، سولر سسٽم ۽ سمارٽ ايريگيشن سسٽم فراهم ڪرڻ چاهيان ٿو. هن چيو ته آبادگار حڪومت کي سهولتن جي مجموعي لاڳت جو ٿورو حصو ادا ڪندا ته جيئن هو انهن جا مالڪ بڻجي انهن کي پنهنجي فائدي لاءِ استعمال ڪري زرعي معيشت کي مضبوط ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪري سگهن. زراعت واري صوبائي وزير محمد بخش مهر وڏي وزير کي زرعي شعبي جي بهتري لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته آبادگارن کي ٽيوب ويلن لاءِ زرعي سامان ۽ سولر سسٽم فراهم ڪرڻ سان زرعي پيداوار ۾ مدد ملندي. وڏي وزير زراعت واري سيڪريٽري رفيق ٻرڙو کي هدايت ڪئي ته هو آبادگارن جي حوالي سان تفصيلي پروپوزل پيش ڪري ته جيئن کين بهتر انداز ۾ سامان فراهم ڪري سگهجي. اسان کي انهن جي مالي ضرورتن تي ڪم ڪرڻو پوندو ته جيئن موجوده بجيٽ ۾ رکيل رقم کان علاوه ضروري فنڊن جو بندوبست ڪري سگهجي. وڏي وزير چيو ته هلندڙ خريف سيزن دوران گرمي پد وڌڻ سان زرعي پيداوار متاثر ٿي سگهي ٿي جنهن کان بچڻ لاءِ زراعت ۽ آبپاشي کاتي جو گڏيل اجلاس گهرايو ويو آهي ته جيئن هارين کي مناسب رهنمائي فراهم ڪئي وڃي. سيد مراد علي شاهه چيو ته موسمياتي تبديلين سبب ٻوڏ، وڏيُون برساتون ۽ گرمي پد ۾ واڌ سبب فصل پوکڻ کان وٺي لاباري تائين زراعت متاثر ٿي رهي آهي. هن چيو ته مان چاهيان ٿو ته هلندڙ خريف جي موسم دوران فصلن تي گرمي پد جي هاڪاري/ناڪاري اثرن جو جائزو وٺان جيئن هارين جي صحيح رهنمائي ڪري سگهجي. سنڌ ۾ 2020ع جي خريف سيزن دوران گرمي پد جي انگ اکرن جو ذڪر ڪندي وڏي وزير چيو ته وڌ ۾ وڌ 36.5 ڊگري سينٽي گريڊ ۽ گهٽ ۾ گهٽ 27.1 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي جڏهن ته مجموعي انگن اکرن موجب گرمي پد ۾ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته زراعت کاتي کي به اهڙا قدم کڻڻ گهرجن ڇوته هلندڙ خريف جي مُند دوران گرمي پد تمام گهڻو وڌي ويو آهي جنهن ڪري فصل متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته ايل بي او ڊي سسٽم گهڻو متاثر ٿيو پراڻن قدرتي وهڪرن جي بندش سبب زمينون پاڻي هيٺ اچڻ لڳيون. هن چيو ته هاڻي اسان نوابشاهه، سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ بدين ۾ پراڻا قدرتي واٽر ويز بحال ڪري ڇڏيا آهن هاڻي انهن علائقن جي زمينن کي اپ گريڊ ڪيو ويندو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه آبپاشي کاتي کي هدايت ڪئي ته هارين کي پاڻي فراهم ڪيو وڃي ته جيئن اهي فصل صحيح نموني پوکي سگهن. وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي آبپاشي واري وزير چيو ته پيئڻ جي پاڻي لاءِ مستقل واهن ۽ ڪجهه غير مستقل واهن کي پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي.