پيرس – 26 جولاءِ (اي پي پي) پيرس اولمپڪس گيمز ۾ ڏسندڙن کي انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملندا. مردن جي فيلڊ هاڪي ايونٽ ۾ 27 جولاءِ تي 6 ميچون کيڏيون وينديون. ٽي ميچون گروپ اي مان ڱيڏيون وينديون جڏهن ته ٽي ميچون گروپ بي مان کيڏيون وينديون. گروپ اي جي پهرين ميچ انگلينڊ ۽ اسپين جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي، ٻي ميچ نيڌر لينڊز ۽ ڏکڻ آفريقا جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته ٽئين ميچ ۾ جرمني ۽ ميزبان فرانس جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون. اهڙي طرح گروپ بي جي پهرين ميچ بيلجيم ۽ آئرلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي، ٻي ميچ ۾ آسٽريليا ۽ ارجنٽائن جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون جڏهن ته ان ئي گروپ جي ٽئين ميچ ۾ ڀارت ۽ نيوزيلينڊ جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون. مينز فيلڊ هاڪي ايونٽ جا 4 ڪوارٽر فائنلز 4 آگسٽ تي کيڏيا ويندا، سيمي فائنلز 6 آگسٽ تي کيڏيا ويندا، ٽئين پوزيشن لاءِ ميچ 8 آگسٽ تي کيڏي ويندي جڏهن ته سون جي تمغي لاءِ پڻ ميچ 8 آگسٽ تي کيڏي ويندي.