ڪراچي-25 جولاءِ (اي پي پي) اوقاف، مذهبي معاملن، زڪوات ۽ عشر واري صوبائي وزير رياض حسين شاهه شيرازي ڪالهه اوچتو مختلف درگاهن جو دورو ڪيو. صوبائي وزير درگاهن تي چادرون چاڙهيون ۽ فاتحه خواني ڪئي. اوقاف کاتي جي پارلياماني سيڪريٽري شازيه ڪريم سنگهار پڻ ساڻس گڏ هئي. ايڊمنسٽريٽر اوقاف (ڪراچي) اياز سومرو، حاجي حنيف ميمڻ سميت سمورا لاڳاپيل آفيسر پڻ ان موقعي تي موجود هئا. صوبائي وزير درگاهه محمد شاهه دولها سبزواري، عالم شاهه بخاري سميت لياري ۾ درگاهه ميران پير جو دورو ڪيو جتي پيپلز پارٽي جي اڳواڻن سميت ٻين شخصيتن صوبائي وزير جي آجيان ڪئي. صوبائي وزير سيد رياض حسين شاهه شيرازي درگاهه تي آيل زيارتين سان ملاقات پڻ ڪئي. زائرين درگاهن تي حاضري جي حوالي سان درپيش مسئلن ۽ سهولتن جي اڻهوند جي حوالي سان صوبائي وزير کي آگاهه ڪيو. صوبائي وزير درگاهه عالم شاهه بخاري جي مينيجر کي خراب ڪارڪردگي ۽ ڪوتاهي بابت شوڪاز نوٽيس جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو. صوبائي وزير رياض حسين شاهه شيرازي زيارت ڪندڙن پاران درگاهن جي مسئلن جي نشاندهي ڪرڻ تي تڪڙا حڪم جاري ڪيا. رياض حسين شاهه شيرازي درگاهن تي آيل زائرين جي درپيش مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل آفيسرن ۽ مينيجرن کي مڪمل سهڪار ۽ ضروري سهولتون فراهم ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون.