حيدرآباد-25 جولاءِ (اي پي پي) ايس ايس پي حيدرآباد ڊاڪٽر فرخ علي لنجار حيسڪو جي حوالي سان سمورن ٿاڻن جي وڏن منشين سان پنهنجي آفيس ۾ گڏجاڻي ڪئي، گڏجاڻي دوران هن هدايتون جاري ڪيون ته جيڪو به بجلي چوري ڪرڻ ۽ ڪنڍو لڳائڻ ۾ ملوث هجي ان خلاف حيسڪو آفيسرن جي درخواست تي ايف آءِ آر داخل ڪري ان کي گرفتار ڪيو وڃي. هن چيو ته حيسڪو جي اختيارين سان هر ممڪن سهڪار ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ ڪا به ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. ان موقعي تي هن التوا ۾ پيل ڪيسن بابت به پڇا ڳاڇا ڪئي ۽ هدايت ڪئي ته اهڙن ڪيسن کي جلد مڪمل ڪيو وڃي.