ڪراچي – 25 جولاءِ (اي پي پي ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اڳوڻي صوبائي وزير غلام قادر ملڪاڻي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. جاري ڪيل تعزيتي پيغام ۾ هن چيو ته مرحوم غلام قادر ملڪاڻي پيپلزپارٽي جو وفادار جيالو هو سندس خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون. هن دعا ڪئي ته الله تعالى مرحوم جا درجا بلند ڪري ۽ سندس ڪٽنب کي صبر عطا ڪري.