حيدرآباد-23 جولاءِ (اي پي پي) اسسٽنٽ ڪمشنر تعلقي سٽي بابر صالح راهپوٽو پاران کير جي اضافي قيمت وصول ڪندڙ داڪاندارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وئي، اي سي سٽي پنهنجي نگراني ۾ سرڪاري اگهن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ گلاب ڊيري ۽ مهراڻ ڊيري هير آباد جو کير پنهنجي تحويل ۾ وٺي سرڪاري اگهه تي نيلام ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد زين العابدين ميمڻ جي خاص هدايت تي اسسٽنٽ ڪمشنر سٽي بابر صالح راهپوٽو تعلقي سٽي جي مختلف علائقن ۾ گلاب ڊيري ۽ مهراڻ ڊيري کي ٻئي حڪم تائين سيل ڪري ڇڏيو جڏهن ته ٻنهي دڪانن تان کير تحويل ۾ وٺي پنهنجي نگراني ۾ سرڪاري اگهه تي وڪرو ڪري ڇڏيو اهڙي طرح اسسٽنٽ ڪمشنر سعود بلوچ ۽ مختياڪار علي شير بدراڻي پڻ تعلقي لطيف آباد ۾ کاڌي پيتي جي ضروري شين ۽ کير جي اگهن جو جائزو ورتو ۽ واپارين کي وارننگ ڪئي ته اهي هر صورت ۾ سرڪاري اگهه تي عملدرآمد کي يقيني بڻائين ٻي صورت ۾ سندن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.