ڄامشورو-22 جولاءِ (اي پي پي) ڊزاسٽر مئنيجمينٽ بابت صلاحيتن کي وڌائڻ ڏانهن هڪ اهم قدر طور نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ۽ سنڌ يونيورسٽي لاڙ ڪئمپس بدين ڊزاسٽر مئنيجمينٽ جي شعبي ۾ مضبوط سهڪار کي يقيني بنائڻ لاءِ تعاون جي هڪ معاهدي تي صحيحون ڪيون آهن. معاهدي تي سنڌ يونيورسٽي لاڙ ڪئمپس بدين جي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽي سنڌ يونيورسٽي پاران ۽ نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي پاران نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڊزاسٽر مئنيجمينٽ جي ڊائريڪٽر جنرل ايم تنوير پراچا صحيحون ڪيون. سهڪار لاءِ معاهدي جو مقصد قدرتي توڙي انساني طور پيدا ٿيندڙ آفتن خلاف اثرائتي طريقي سان انتظام ڪرڻ، رابطاڪاريءَ کي مضبوط بنائڻ ۽ کاتيجاتي توڙي فني صلاحيتن کي وڌائڻ آهي. معاهدي تحت انساني جانين ۽ ملڪيتن جي تحفظ ۾ ڊزاسٽر مئنيجمينٽ جي اهميت کي تسليم ڪندي ٻنهي ڌرين سهڪار جي مختلف شعبن ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. معاهدي تحت ٻئي ڌريون ماضيءَ جي آفتن، ابتدائي آگاهي نظام ۽ ٻين طريقن بابت ڄاڻ جي مٽاسٽا ڪنديون ۽ گڏيل پليٽ فارم ذريعي اڳيان وڌنديون. معاهدي تحت ٻنهي ڌرين جون ڪوششون حڪومتي ادارن ۽ مقامي ڪميونٽين جي صلاحيتن کي وڌائڻ تي مرڪوز هونديون ته جيئن جيوفزيڪل ۽ آبهوا سان پيدا ٿيندڙ هائيڊرو ميٽرولاجيڪل آفتن جهڙوڪ ٻوڏ، زلزلا، ڏڪاري، سونامي، گرميءَ جي لهرن ۽ طوفان سان اثرائتي نموني منهن ڏيڻ شامل آهن. سهڪار جي معاهدي موجب جديد ٽيڪنالاجين ۽ جديد طريقن جهڙوڪ ريموٽ سينسنگ، گليشيل ليڪ آئوٽ برسٽ فلڊ، جيوگرافڪ انفارميشن سسٽم ميپنگ ۽ خطرن تي مشتمل مقامي منصوبن جي ايمرجنسي ريسپانس سسٽم کي تقويت ڏيڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو. تربيتي ماهرن، پروفيسرن، سائنسدانن ۽ ٻئي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ عملي جي مٽاسٽا ۽ کين گڏيل ورڪشاپن، ڪانفرنسن، سيمينارن، مشقن ۽ تربيتي ڪورسن ۾ شامل ڪيو ويندو. ٻئي ڌريون سائنسي تحقيق ۽ ڊزاسٽر مئنيجمينٽ ۽ موسمياتي تبديليءَ بابت عملي سروي تي سهڪار ڪنديون. ٻئي طرف سنڌ يونيورسٽي لاڙ ڪئمپس بدين ۽ نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي وچ ۾ ڄاڻايل تاريخي معاهدي کان پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر مشتاق علي ڄاريڪو ڊزاسٽر رسڪ ريڊڪشن سوسائٽي جي قيام جو باضابطه نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. نوٽيفڪيشن موجب ڊاڪٽر محمد طفيل چانڊيو کي ڊزاسٽر رسڪ ريڊڪشن سوسائٽي جو صدر، ڊاڪٽر عباس علي شاهه کي نائب صدر، حاجي احمد سولنگي کي سيڪريٽري. ڊاڪٽر خليل الرحمان ڀٽي کي خزانچي ۽ محمد خان سمون کي انفارميشن سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي. ان کان سواءِ ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر، ڊاڪٽر ڪرشن لوهاڻو، عبدالقادر پاٽولي، ڊاڪٽر محمد سومار کوسو، عابده جمالي، رام ڪولهي، عبدالغفور چانڊيو، ڊاڪٽر غلام مرتضيٰ شاهه، ڊاڪٽر عظيم اختر ڀٽي ۽ عرفان اعواڻ به ڪميٽيءَ جو حصو هوندا ۽ سمورن چئني شعبن جي آخري سال جي شاگردن جي نمائندن (سي آرز) کي پڻ ڊزاسٽر رسڪ ريڊڪشن سوسائٽي ۾ شامل ڪيو ويو آهي.