ٿرپارڪر-22 جولاءِ (اي پي پي) ٿرپارڪر جي 2 مختلف ڳوٺن جي جهنگ مان 2 لاش هٿ آيا آهن. ڏيپلو تعلقي جي ڳوٺ لياکڙو جي جهنگ مان اڻڄاتل ماڻهو جو لاش هٿ آيو جنهن جو اطلاع پوليس کي ڏنو ويو، پوليس لاش کي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. پوليس مُوجب سخت گرمي سبب موت ٿيو آهي، جڏهن ته هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ راڄوخاناڻي واسيءَ عبدالقيوم لُنڊ طور ٿي آهي. ٻئي واقعي ۾ تعلقي مٺي جي ڳوٺ کارو بجير جي جهنگ مان لاش هٿ آيو جنهن جي سڃاڻپ 45 ورهين جي ملوڪ ڀيل نالي سان ٿي آهي جيڪو ٽنڊو جان محمد جو رهواسي ٻُڌايو پيو وڃي، جيڪو برسات ٿيڻ بعد پنهنجو چوپايو مال ڳوٺ وٺي وڃي رهيو هو ۽ رستي ۾ سخت گرمي سبب فوت ٿي ويو.