ڪراچي-19 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ هڪ اجلاس ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو جي پروگرام تي عمل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو جنهن تحت آف گرڊ صارفين کي سولر انرجي حل ذريعي 50 کان 100 يونٽ بجلي استعمال ڪندڙ صارفين کي مفت بجلي فراهم ڪئي ويندي. اهو فيصلو وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾ ڪيو ويو جنهن ۾ مختلف تجويزن تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ پي اينڊ ڊي ۽ توانائي واري صوبائي وزير ناصر شاهه، وڏي وزير جي ڪوآپريٽو سوسائٽيز واري صلاحڪار احسن مزاري، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، سيڪريٽري توانائي مصدق خان ۽ ٻين شرڪت ڪئي. وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي توانائي واري صوبائي وزير ناصر شاهه چيو ته سندس هدايتن تي توانائي کاتي گهڻو ڪم ڪيو آهي ته 80 هزار ڪٽنب هر مهيني 50 ميگاواٽ بجلي استعمال ڪري رهيا آهن جنهن ۾ ڪي اليڪٽرڪ ۾ 441483، حيسڪو ۾ 229338 ۽ سيپڪو ۾ 125500 ڪٽنب شامل آهن. اهڙي طرح هر مهيني 100 ميگاواٽ بجلي استعمال ڪندڙ گهرن جو انگ 1.9 ملين آهي جنهن ۾ ڪراچي (KE) ۾ 1054000، حيدرآباد ريجن (حيسڪو) ۾ 566427 ۽ سکر ريجن (سيپڪو) ۾ 356073 گهر شامل آهن. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته 2.6 ملين آف گرڊ ڪٽنب آهن جن مان 500000 کي پهرين مرحلي ۾ سولر هوم سسٽم (SHS) فراهم ڪري سگهجي ٿو. وڏي وزير چيو ته ٽي ايل اي ڊي بلب، 35 واٽ ڊي سي فين ۽ موبائيل چارجنگ پورٽس سان گڏ 100 واٽ جو سولر هوم سسٽم 6 ڪلاڪن جي بيٽري بيڪ اپ لاءِ ڪافي آهي. ناصر شاهه وڏي وزير کي ٻڌايو ته هڪ سولر هوم سسٽم جي قيمت لڳ ڀڳ 50 هزار رپيا آهي ۽ 2.6 ملين سولر هوم سسٽم جي ڪل لاڳت 25 ارب رپيا آهي. وڏي وزير چيو ته 100 گهرن جي ڪلسٽر لاءِ پائلٽ پروجيڪٽ طور سمورن 6 ڊويزنن ۾ 75 ڪلو واٽ جا ڇهه مائيڪرو گرڊ قائم ڪري سگهجن ٿا. اهي گرڊ 100 ڪلو واٽ استعمال ڪندڙ گهرن کي بجلي فراهم ڪري سگهن ٿا. توانائي واري وزير چيو ته تجويز جي منظوري کانپوءِ ان جي فزيبلٽي تي ڪم ڪري سگهجي ٿو. وڏي وزير تجويز ڏني ته ڪي اليڪٽرڪ، حيسڪو ۽ سيپڪو کي بجلي فراهم ڪرڻ لاءِ 305 ميگاواٽ جا ٽي سولر پارڪ قائم ڪيا وڃن ته جيئن آن ۽ آف گرڊ گهرن کي بجلي فراهم ڪئي وڃي. وڏي وزير توانائي واري وزير کي هدايت ڪئي ته هو سولر پارڪ ۽ سولر هوم سسٽم لاءِ پروپوزل تيار ڪري ته جيئن ٻنهي تجويزن تي غور ڪري ان جي منظوري ڏئي سگهجي. ان دوران وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته هو سولر هوم سسٽم استعمال ڪندڙن جو ڊيٽا گڏ ڪري جنهن سان فيصلو ڪرڻ ۾ مدد ملندي. اي