ڪراچي-19 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ سرڪار جي ٽرانسپورٽ کاتي ڪراچي ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ کي بھتر بڻائڻ لاءِ پيپلز بس سروس جا ٽي نوان روٽ شروع ڪرڻ ۽ ھڪ روٽ کي وڌائڻ جو اعلان ڪيو آھي، نوان روٽ سومر 22 جولاءِ 2024ع کان فعال ٿي ويندا. ٽرانسپورٽ کاتي موجب، 22 جولاءِ 2024 کان پيپلز بس سروس جو روٽ 13 شروع ٿيندو، جيڪو ھاڪس بي کان ٽاور تائين ھوندو، بحريا ٽائون کان نمائش چورنگي تائين اليڪٽرڪ بس جو نئون روٽ اي وي 24 جولاءِ کان شروع ٿيندو، جڏھن ته روٽ 8 يوسف ڳوٺ کان ٽاور تائين 25 جولاءِ 2024 کان شروع ٿيندو. ٽرانسپورٽ کاتي پاران روٽ 12 کي وڌائڻ جو به اعلان ڪيو ويو آھي، 23 جولاءِ 2024ع کان روٽ 12 کوکرا پار بدران ميمڻ ڳوٺ کان ٽاور تائين شروع ڪيو ويندو.سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ، ايڪسائيز، ٽيڪسيشن، نارڪوٽڪس ڪنٽرول جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته نوان روٽ ڪراچي ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ کي وڌائڻ لاءِ سنڌ سرڪار جي ڪوششن جو حصو آھن، نوان روٽ متعارف ڪرائڻ جو مقصد شھرين لاءِ سستي، آسان سفري سھولت جي فراھمي آھي. ھن چيو ته شھرين جي سھولت لاءِ وڌيڪ بسون آنديون وينديون ۽ وڌيڪ نوان روٽس شروع ڪيا ويندا، عوام جي بنا ڪنھن فرق جي خدمت ڪرڻ سنڌ سرڪار جو عزم آھي.