لاڙڪاڻو – 11 جولاءِ (اي پي پي ) لاڙڪاڻي جي ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر شرجيل نورچنا ڏوڪري، باڊھ، باقراڻي ۽ نئون ديرو ۾ ھلندڙ ترقياتي اسڪيمن سان گڏ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سينٽر ۽ محرم الحرام جي سلسلي ۾ جلوسن جي رستن تي صفائي ۽ لائيٽنگ جي انتظامن جو جائزو ورتو . تفصيلن مطابق ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊاڪٽر شرجيل نورچنا اسسٽنٽ ڪمشنر ڏوڪري سان گڏجي رورل هيلٿ سينٽر باڊهه تعلقه ڏوڪري، تعلقه هيڊڪوارٽر ڏوڪري ۽ بنيادي صحت يونٽ نئون ديرو جو دورو ڪيو.باقراڻي تعلقي جي نئين تعمير ٿيل گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج جي ترقياتي اسڪيمن سيوريج لائين، پيوئر بلاڪ ۽ لائبريري جو پڻ دورو ڪيو. ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو بي آءِ ايس پي جي مختلف سينٽرن ٽائون هال نئون ديرو، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول باڪراڻي ۽ گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول باڊھ جي ڪئمپن جو پڻ دورو ڪيو ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو ڏوڪري جي مختلف امام بارگاهن جو دورو ڪري امام بارگاهن جي منتظمين سان ملاقات ڪري جلوسن جي مقرر مقرر ڪيل روڊن رستن جي صفائي ۽ روشنين جي مسئلن جو جائزو ورتو ويو.