ڪراچي-10 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ايڪسائيز، ٽيڪسيشن، نارڪوٽڪس ڪنٽرول، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ اھم اجلاس ڪراچي ۾ ڊائريڪٽوريٽ آف ايڪسائز اينڊ ٽيڪسيشن ۾ ٿيو. اجلاس ۾ پريميم نمبر پليٽن جي ٻي نيلامي شروع ڪرڻ ۽ پريميم نمبر پليٽون جاري ڪرڻ لاءِ الڳ آفيس قائم ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ گاڏين جي مالڪن جي نالن جي شروعاتي لفظن سان به پريميم نمبر پليٽون جاري ڪرڻ ۽ پسند جي نمبر پليٽ جي فيس ۾ واڌ بابت تجويزون ترتيب ڏيڻ جو به فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ھدايتون جاري ڪيون ته شھرين جي سھولت لاءِ پھرين نيلامي ۾ جاري ڪيل پريميم نمبر پليٽن جون سموريون قانوني گھرجون جلد کان جلد پوريون ڪيون وڃن. ھن چيو ته پريميم نمبر پليٽون لڳائڻ بابت لاڳاپيل گاڏين جو رجسٽرڊ ھجڻ لازمي ھوندو، پريميم نمبر پليٽون رڳو اُنھن گاڏين تي ئي لڳائي سگھبيون جيڪي رجسٽرڊ ھونديون. اجلاس ۾ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ غيررجسٽرڊ گاڏين خلاف جاري مھم، ايڪسائيز کاتي جي چيڪ پوسٽن جي تعميراتي ڪم بابت به تفصيلي معلومات ورتي ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول ونگ جي اھلڪارن لاءِ يونيفارم جي تياري بابت به ھدايتون جاري ڪيون. اجلاس ۾ منشيات فروشي ۾ ملوث سرڪاري ملازمن خلاف ڪارروائي لاءِ چيف سيڪريٽري سان لکپڙھ جو به فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڳالھائيندي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته منشيات خلاف ڪاررواين کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا وڃن، نئين نسل کي منشيات فروشن جي رحم ۽ ڪرم تي نٿو ڇڏي سگھجي، منشيات فروشن خلاف سخت کان سخت ڪارروايون ڪيون وڃن. ھن چيو ته منشيات فروشن خلاف ڪيسن جي مضبوط پيروي کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن منشيات فروش کي منطقي انجام تائين پھچائي سگھجي.