ڪراچي- 09 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته سنڌ سرڪار گذريل مالي سال دوران ايڪسائز ۽ ٽيڪسيشن کاتي کي 130 ارب رپين جو ھدف ڏنو ھو، ايڪسائز کاتي ڏنل ھدف کان وڌي 110 سيڪڙو يعني 143 ارب رُپين جو ٽيڪس جمع ڪيو، جيڪي گاڏيون ٽيڪس نه ڀرينديون ھُيون، گذريل ڪجھ عرصي کان جاري مھم دوران اُنهن گاڏين کان ٽيڪس اوڳاڙيا ويا، جيڪي ماڻھو سھولتن جي کوٽ سبب ٽيڪس جمع ڪرائڻ لاءِ آفيسن ۾ نه ايندا ھُئا، اُنهن کي سھولتن جي فراھمي لاءِ قدم کنيا ويا، جنهن جي ڪري ايڪسائز کاتي نه رڳو پنهنجو ھدف حاصل ڪيو پر اُن کي عبور به ڪري ورتو. ڪراچي ۾ ڊائريڪٽوريٽ آف ايڪسائز، ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ايڪسائز، ٽيڪسيشن، نارڪوٽڪس ڪنٽرول، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پريمئيم نمبر پليٽس جي پھرين نيلامي ڪاميابي سان ٿي، نيلامي مان حاصل ٿيل رقم ٻوڏ متاثرن جي لاءِ گھر ٺاھڻ واري پروجيڪٽ ۾ ڏني ويندي، سنڌ سرڪار ٻوڏ متاثر 21 لک خاندانن کي گھر ٺاھي ڏئي رھي آھي، ان خير جي ڪم ۾ حصو وٺڻ لاءِ ايڪسائز کاتي به 67 ڪروڙ رُپيا جمع ڪيا، جنهن سان ٻوڏ متاثرن لاءِ 2251 گھر ٺاھي سگھبا. ھن چيو ته پريميئم نمبر پليٽس لاءِ الڳ آفيس قائم ڪيو پيو وڃي، ھاڻي پريميئم نمبر پليٽس نيلامي ذريعي ڏنيون وينديون، جڏھن ته پسند جي نمبرز جي فيس تي نظرثاني ڪئي ويندي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته منشيات جي حوالي سان معاشرو خطرناڪ صورتحال کي منهن ڏئي رھيو آھي، نارڪوٽڪس ڪنٽرول ونگ پاران مارچ کان ھن وقت تائين منشيات فروشن خلاف 141 ڪارروايون ڪيون ويون، 158 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، 14 گاڏيون پڪڙيون ويون آھن، وڏي مقدار ۾ مختلف قسمن جي منشيات آئس،ھيروئن، ڪرسٽل، چرس، ڪچي شراب ۽ ٻي منشيات پڪڙي وئي آھي. ھن چيو ته صدر آصف علي زرداري صدارت سنڀاليندي ئي وزير اعليٰ ھائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾ ھدايتون ڏنيون ھيون ته منشيات خلاف ڪريڪ ڊائون ڪرڻو آھي، بدقسمتي سان ملڪ ۾ وڏي واڪي منشيات جو ڪاروبار ھلي رھيو آھي، ھر حڪومت ۽ ھر اداري کي منشيات جي خلاف ڪارروائي ڪرڻي پوندي، اسان سڀني کي گڏجي منشيات خلاف جنگ وڙھڻي پوندي. ھن چيو ته ايڪسائز کاتي پتو لڳايو ته قربان شاھ نالي ھڪ منشيات فروش جي اڪائونٽ ۾ منشيات جا پئسا موڪليا ويندا آھن، جوابدار جي موبائل فون مان پختا ثبوت مليا، ھو اسلام آباد ۾ موجود آھي، سندس گرفتاري لاءِ گھرو وزارت سان رابطو ڪنداسين، منشيات فروش جي اڪائونٽ جي حوالي سان لاڳاپيل بينڪ کي 23 مئي تي خط لکيو ويو پر بينڪ طرفان ھن وقت تائين ڪوبه جواب نه ڏنو ويو. هن چيو ته اسان ھڪ جوابدار باسط خواجه کي گرفتار ڪيو، جيڪو ڪراچي جي پوش علائقي ۾ منشيات فراھم ڪندو ھو، اھو به اسلام آباد مان ئي منشيات آڻيندو ھو، اُن جوابدار جي ضمانت به ٿي وئي ۽ ھو آزاد به ٿي ويو، پر ايڪسائز کاتي کي سندس ضمانت بابت عدالت طرفان نوٽيس به نه ڏنو ويو، اڄ اھو جوابدار ھوائي جھاز ذريعي ڪراچي کان لاھور وڃي رھيو آھي. ھن چيو ته ايڪسائز کاتو منشيات خلاف ڀرپور نموني جھاد ڪندو رھندو، پوليس به ڇھن مھينن دوران 7632 ماڻھن کي گرفتار ڪري منشيات برآمد ڪئي، پوليس ۽ ايڪسائز سان مقابلن ۾ 6 کان 7 منشيات فروش مارجي چُڪا آھن، ڪيترائي زخمي به ٿيا آھن. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته حب ريور روڊ تي ايڪسائز کاتي پاران حب ريور روڊ چيڪ پوسٽ قائم ڪئي وئي آھي، سپر ھاءِ وي تي به 10 ڏينهن اندر چوڪي قائم ٿي ويندي، گھگھر ڦاٽڪ تي به جلد عملو مقرر ٿي ويندو. ھن چيو ته اسان چار اھڙا بينڪ اڪائونٽ پڪتا آھن، جن ۾ منشيات جا پئسا ايندا ھُئا، اڪائونٽس ۾ پيسا موڪلڻ تي ماڻھن کي گھر ويٺي منشيات پھچائي ويندي ھُئي، مختلف ڪمپنيون جيڪي فوڊ ڊليوري جو ڪم ڪن ٿيون، اُنهن جي حوالي سان جوابدارن ٻڌايو آھي ته پيزا سان گڏ منشيات موڪلي ويندي ھُئي، اُن سلسلي ۾ اسان اثرائتي ۽ جامع حڪمت عملي جوڙي رھيا آھيون. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اسڪول ۾ ٻارن جي اوچتو ڊرگ ٽيسٽنگ ٿيندي ۽ ان قسم جي ٽيسٽ لاءِ اسڪول انتظاميه، استادن ۽ ٻارن جي والدين سميت سڀني کي اعتماد ۾ ورتو ويندو، جنهن ٻار جي منشيات جي ٽيسٽ پازيٽو ايندي اُن جو نالو راز ۾ رکيو ويندو، رڳو سندس والدين کي آگاھي ڏني ويندي، اسان ٻار کان رڳو اھو پُڇنداسين ته کيس منشيات ڪنهن ڏني آھي. ھن چيو ته ڪيترن ئي ماڻھن جا ٻار منشيات جي ڪري گھرن ۾ زنجيرن ۾ جڪڙيل آھن ۽ اُھي بدنامي جي خوف وچان ڪنهن کي ٻڌائي به نه ٿا سگھن، اسان چاھيون ٿا ته ھر صوبو ۽ ھر کاتو منشيات خلاف ڪارروايون ڪري. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اڄ کان اسان منشيات فروشن جي ڊجيٽل ڊيٽا به جوڙينداسين، جنهن ۾ منشيات فروشن جا فنگر پرنٽس، تصويرن ۽ ٻين شين جو رڪارڊ رکيو ويندو ۽ اھا معلومات ٻين ادارن سان به شيئر ڪئي ويندي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته چوماسي جي مند شروع ٿيڻ واري آھي، سنڌ سرڪار چوماسي دوران ڪنهن به قسم جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آھي ۽ سنڌ سرڪار ان سلسلي ۾ سمورا ضروري قدم کڻي ورتا آھن، پي ڊي ايم اي ۽ ريھيبلٽيشن وارو کاتو وڏو ڪم ڪري رھيو آھي، ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي جا ميئر ڀرپور طريقي سان نه رڳو ڪم ڪري رھيا آھن پر پاڻ نگراني به ڪري رھيا آھن ته جيئن عوام کي ڪنهن به قسم جي پريشاني جو منهن ڏسڻو نه پوي. سنڌ سرڪار جا سمورا ادارا برساتن دوران متحرڪ نظر ايندا، نالين جي صفائي ھلي رھي آھي، پاڻي ڪڍڻ واريون مشينون مختلف ضلعن ۾ پھچايون ويون آھن، حڪومت اڳي به ھمت سان سموري صورتحال جو مقابلو ڪيو، سنڌ سرڪار قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ ھن وقت به مڪمل طور تي تيار آھي. ھن چيو ته گذريل ڏينهن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت ھيٺ اجلاس ۾ برساتن دوران امدادي ڪاررواين لاءِ قدمن جو تفصيلي جائزو پيش ورتو ويو.