اسلام آباد – 09 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 200 يونٽس تائين ماهوار بجلي استعمال ڪندڙ گهريلو صارفين جي لاءِ 50 ارب رپين جي ريليف جو اعلان ڪندي چيو آهي ته وفاقي حڪومت جي فيصلي سان اڍائي ڪروڙ گهريلو صارفين کي جولاءِ، آگسٽ ۽ سيپٽمبر ۾ چار رپين کان ست رپيا في يونٽ فائدو ٿيندو، ڪراچي بندرگاهه تي برآمدات ۽ درآمدات جي مد ۾ 1200 ارب رپين جي ڪرپشن ٿي رهي آهي، بلوچستان ۾ ٽيوب ويلز کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ سان قومي خزاني کي ساليانو 80 کان 90 ارب رپين جي بچت ٿيندي، بلوچستان جي طرز تي سڄي ملڪ ۾ تيل تي هلندڙ 10 لک ٽيوب ويلز کي پڻ شمسي توانائي تي منتقل ڪيو ويندو، بجيٽ ۾ يقينن ٽيڪس لڳا آهن پر اميرن ۽ اشرافيه کي به ٽيڪس جي دائري ۾ آندو ويو آهي، ريئل اسٽيٽ جي شعبي تي ٽيڪس سان 100 ارب رپين جي آمدني متوقع آهي، ڊائون سائيزنگ ۽ سرڪاري خرچن ۾ گهٽتائي جي قدمن جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهيان، آءِ ايم ايف سان پروگرام اسان جي ضرورت ۽ مجبوري هئي، وقت اچي ويو آهي ته اشرافيه ۽ سرندي وارا ماڻهو به ملڪ جي لاءِ قرباني ڏين، انشاءَ الله حالتون تبديل ٿينديون، بهتري ايندي ۽ پاڪستان پنهنجو وڃايل مقام حاصل ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن توانائي جي شعبي ۾ سڌارن جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير ۽ پارليامينٽ ميمبر پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته بجيٽ اجلاس ۾ ڀرپور شرڪت تي پارليامينٽ ميمبرن جو ٿورائتو آهيان، گذريل دور 23 – 2022ع ۾ ميان نواز شريف جي قيادت ۾ ۽ اتحادي پارٽين جي سمورن سربراهن سان گڏجي اسان رياست کي بچايو ۽ سياست کي داءُ تي لڳايو، الله تعاليٰ جو لک لک شڪر آهي ته پاڪستان ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچي ويو.

وزيراعظم چيو ته توهان ڏٺو ته ماضي ۾ سياست کي چمڪائڻ جي لاءِ ڪهڙي طرح وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪيون ويون ۽ واعدا ڪيا ويا، پي ٽي آءِ 90 ڏينهن ۾ بدعنواني جي خاتمي جو اعلان ڪيو پر ان جي ابتڙ ڪرپشن جا نوان رڪارڊ قائم ڪيا، کنڊ ۽ ڪڻڪ کي اڳ ۾ برآمد ڪيو ويو ۽ بعد ۾مهانگي اگهن تي درآمد ڪيو ويو ۽ ويجهي ساٿين جا کيسا ڀريا ويا، ملڪ جا ڦريل 300 ارب ڊالر واپس آڻڻ جون پڻ ڳالهيون ڪيون ويون پر هڪ رپيو به واپس نه آيو، پي ٽي آءِ جي حڪومت پنهنجي سياست جي خاطر ملڪ کي داءُ تي لڳايو پر برطانيا جي اداري نيشنل ڪرائيم ايجنسي جي مهرباني سان پاڪستان جي خزاني ۾ 190 ملين پائونڊ موڪليا ويا ته جيئن اها رقم قومي خزاني ۾ جمع ٿئي پر ڪهڙي طرح هيراڦيري سان 190 ملين پائونڊ تي به هٿ صاف ڪيو ويو ۽ قومي خزاني ۾ اها رقم جمع ڪرائڻ بدران ان ۾ هيراڦيري ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته اسان نواز شريف جي قيادت ۾ عوامي خدمت جو ذمو کنيو آهي ۽ ڪنهن به حوالي سان غلط بياني سان ڪم نه ورتو، ملڪ کي وڏا چئلينجز درپيش آهن، اتحادي حڪومت انهن مشڪلاتن ۽ چئلينجز جو مقابلو ڪري رهي آهي، ماضي ۾ وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪيون ويون پر حقيقت ۾ ڪجهه نه ٿيو، باني پي ٽي آءِ چيو هو ته مري ويندس آءِ ايم ايف وٽ نه ويندس پر پوءِ آءِ ايم ايف وٽ ويو ۽ مهانگو پروگرام ورتو ۽ پوءِ انهي پروگرام کي سياست جي ور چاڙهيو ويو، جڏهن دنيا ۾ تيل جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون هيون ته عدم اعتماد جي ووٽ جي خدشي جي ڪري هڪ ٻئي پٺيان قيمتون گهٽ ڪيون ويون جڏهن ته بجيٽ ۾ ان جي ڪا گنجائش به نه هئي جنهن سان قومي خزاني کي تمام گهڻو نقصان پهچايو ويو. وزيراعظم چيو ته ميان نواز شريف سدائين دل جي گهراين سان قوم جي خدمت ڪئي آهي، سندس انهي ويزن ۽ پاليسي تي اسان عمل پيرا آهيون. وزيراعظم چيو ته ڪالهه ڪوئيٽا ۾ بلوچستان حڪومت سان ٽيوب ويلز کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ جو معاهدو ڪيو، اهو هڪ تاريخي قدم آهي جنهن سان قومي خزاني کي 80 کان 90 ارب رپين جي سالياني بچت ٿيندي، بلوچستان ۾ 28 هزار جي لڳ ڀڳ ڪنيڪشنز آبادگارن جا آهن اهي بجلي استعمال ڪري رهيا هئا پر بل ادا نه ڪندا هئا ۽ ساليانو 80 کان 90 ارب رپيا وفاق کي نقصان پهچي رهيو هو، گذريل 8، 10 سالن ۾ قومي خزاني کي 500 ارب رپيا ضايع ڪيا ويا، اهو ئي پئسو جيڪڏهن رستن، يونيورسٽين ۽ عوام جي خوشحالي جي لاءِ خرچ ڪيو وڃي ها ته ڪيترو فائدو ٿئي ها. وزيراعظم چيو ته وفاقي ۽ بلوچستان حڪومت گڏجي انهن 28 هزار ٽيوب ويلز کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو آهي جنهن تي 55 ارب رپيا خرچ ٿيندا، منصوبي جي لاڳت جو 70 سيڪڙو وفاقي ۽ 30 سيڪڙو صوبائي حڪومت برداشت ڪندي، شمسي توانائي سان سستي بجلي پيدا ٿيندي ۽ ان جي لاڳت ۾ پڻ گهٽتائي ايندي. هن چيو ته اهو ئي ماڊل اسان ملڪ جي ٻين صوبن ۾ پڻ اختيار ڪنداسين، پاڪستان ۾ 10 لک ٽيوب ويل تيل سان هلن ٿا ۽ تيل جو درآمدي بل ساڍا ٽي ارب ڊالر ساليانو آهي جيڪو قومي خزاني تي تمام وڏو بار آهي، اسان وٽ پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا تمام محدود آهن، اسان ٻن ٽن مهينن ۾ فيصلو ڪيو ته ترتيبوار تيل تي هلندڙ 10 لک ٽيوب ويلز جي لاءِ بزنس ماڊل ٺاهيو ويندو، آبادگارن کي اسان قرض وٺي ڏينداسين ۽ بزنس ماڊلٺاهي 10 لک ٽيوب ويلز کي شمسي توانائي تي منتقل ڪيو ويندو.

 

وزيراعظم چيو ته اسان وٽ سج جي تمام گهڻي روشني آهي ان مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي، بجيٽ ۾ ڪجهه نئين شعبن کي ٽيڪس جي دائري ۾ آندو ويو آهي، پگهاردار طبقي تي به ٽيڪس لڳو آهي، ريئل اسٽيٽ جي شعبي تي ٽيڪس سان 100 ارب رپين جي آمدني جو امڪان آهي، بجيٽ ۾ يقينن ٽيڪس لڳا آهن پر اميرن ۽ اشرافيه کي به ٽيڪس جي دائري ۾ آندو ويو آهي. هن چيو ته بجلي جي اگهن جي به ري بيسنگ ٿي آهي، پروٽيڪٽيڊ صارفين جا بهاگهه وڌيا آهن، پروٽيڪيٽيڊ صارفين جي بجلي جي اگهن ۾ اضافي جو ادراڪ آهي، اڍائي ڪروڙ گهريلو صارفين جيڪي 94 سيڪڙو بڻجن ٿا، منهنجي اعلان مان فائدو کڻندا، 200 يونٽس تائين ماهوار بجلي استعمال ڪندڙ گهريلو صارفين کي ٽن مهينن جولاءِ، آگسٽ ۽ سيپٽمبر جي لاءِ رعايت ڏني پئي وڃي، آڪٽوبر ۾ موسم بهتر ٿي وڃي ٿو ۽ بجلي جو استعمال به گهٽ ٿي وڃي ٿو، انهن ٽن مهينن ۾ اڍائي ڪروڙ صارفين کي 50 ارب رپين جو ريليف ڏنو ويندو ۽ انهن ۾ ڪي – اليڪٽرڪ جا صارفين پڻ شامل هوندا. هن چيو ته اهي 50 ارب رپيا اسان ترقياتي فنڊز مان ڪڍي ڏينداسين، ماضي وانگر واعدو ڪري ڪنهن کي دوکو ناهي ڏنو، عام ماڻهو جو به خيال رکيو آهي ۽ جن سان اسان کي معاهدو ڪري اڳتي وڌڻو آهي انهن کي به پوري طرح اعتماد ۾ ورتو ويو آهي، اڍائي ڪروڙ صارفين کي چار رپيا کان ست رپيا في يونٽ فائدو پهچندو. وزيراعظم چيو ته آءِ ايم ايف سان پروگرام اسان جي ضرورت ۽ مجبوري هئي، مون کي يقين آهي ته جيڪڏهن ايمانداري، خلوص دل، قرباني ۽ ايثار سان ڏينهن رات محنت ڪئي، اشرافيه ۽ سرنديءَ وارا ماڻهو جن پاڪستان مان تمام گهڻو فائدو حاصل ڪيو آهي اهي پاڪستان جي 25 ڪروڙ عوام کي اهو فائدو واپس ڪن، وقت اچي ويو آهي ته اشرافيه ملڪ جي لاءِ قرباني ڏين. وزيراعظم چيو ته حڪومت صنعت ۽ زراعت کي هلائڻ جي لاءِ صوبن سان گڏجي ڪم ڪندي، ڊائون سائيزنگ جو ڪم شروع ٿي چڪو آهي، اسان بچت ڪنداسين، ڊائون سائيزنگ ۽ سرڪاري خرچن ۾ گهٽتائي جي قدمن جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهيان، ايف بي آر جي 100 سيڪڙو ڊيجيٽائيزيشن ٿي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ درآمدات ۽ برآمدات تي ساليانو 5 ارب ڊالر جو سامونڊي جهازن جو ڪرايو خرچ ٿئي ٿو، پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن وٽ رڳو 12 سامونڊي جهاز آهن ۽ ساليانو پگهارون 5 ارب رپيا آهي، پاڪستان جي ڀيٽ ۾ خطي جي ٻين ملڪن وٽ سامان جي چرپر جي لاءِ ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ سامونڊي جهاز آهن، بنگلاديش وٽ به ڪيترائي سئو جهاز آهن. هن چيو ته بدقسمتي سان ملڪ کي ڪنڊ ڪنڊ مان ڦريو پيو وڃي، اسان کي ان جو فوري علاج ڪرڻو آهي. وزيراعظم چيو ته اربين، کربين رپين جي ڪرپشن تي ضابطو آڻڻ جي ضرورت آهي ته جيئن عام ماڻهو کي ريليف ملي ۽ ملڪ خوشحال ٿئي، اسان کي ڪِستو ٽوڙڻو آهي، قرضن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻو آهي ته ڏينهن رات محنت ڪرڻي پوندي، ريليف جو هڪ ئي طريقو آهي ته جيڪا رقم ڪرپشن جي ور چڙهي رهي آهي ان جو فوري خاتمو ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته هڪ ساک واري اداري اسان کي ٻڌايو آهي ته رڳو ڪراچي جي بندرگاهه تي ڊيوٽيز جي مد ۾ ساليانو 1200 ارب رپين جي چوري ٿي رهي آهي جڏهن ته 2700 ارب رپين جا ڪليمز ٽربيونلز ۽ اعليٰ عدالتن ۾ ڪيترن ئي سالن کان ٻڌڻي هيٺ آهن. وزيراعظم چيو ته واعدو ڪريان ٿو ته پنهنجي جان لڳائي ڇڏيندس ۽ ملڪي ترقي جي لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏينداسين ۽ ملڪ کي مشڪلاتن مان ڇوٽڪارو ڏيارينداسين. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ معدنيات ۽ آءِ ٽي سميت مختلف شعبن ۾ ترقي جي وڏي گنجائش آهي، بدقسمتي سان اسان انهن وسيلن مان فائدو نه کڻي سگهياسين، اڃا به دير ناهي ٿي، اڄ به فيصلو ڪري وٺون ته ڪا مشڪل رستي ۾ رڪاوٽ نه بڻجندي، ڪرپشن جا وڏا وڏا خال بند ڪنداسين، قوم جا اربين، کربين واپس آڻينداسين ۽ ايمانداري ۽ ديانتداري سان انهن کي خرچ ڪنداسين ته هي هڪ عظيم قوم بڻجي ويندي، انشاءَ الله حالتون تبديل ٿينديون، بهتري ايندي ۽ پاڪستان پنهنجو وڃايل مقام حاصل ڪندو.