ڪراچي-08 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جو صدر سنڌ اسيمبلي جو اڳوڻو اسپيڪر نثار احمد کهڙو بنا مقابلي سنڌ اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو چيئرمين چونڊجي ويو آهي. سنڌ اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبرن نثار احمد کهڙي کي پي اي سي جو چيئرمين چونڊيو، سومر ڏينهن سنڌ اسيمبلي جي ڪميٽي روم ۾ پي اي سي جي پهرين اجلاس ۾ ڪميٽي ميمبرن نثار کهڙي کي چيئرمين چونڊيو. پي اي سي سي چيئرمين جي چونڊ لاءِ تجويز پيش ڪئي وئي جنهن جي سمورن ميمبرن حمايت ڪئي ۽ پي اي سي جي سمورن ميمبرن حق ۾ ووٽ ڏنو ۽ نثار کهڙو کي بنا مقابلي پارلياماني آئيني مدي لاءِ سنڌ اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو چيئرمين چونڊيو ويو. اجلاس ۾ سنڌ اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي ميمبرن محمد قاسم سومرو، سعديه جاويد، سيد فرخ، احمد شاهه، مخدوم فخر الزمان، خرم ڪريم سومرو ۽ محمد ريحان راجپوت شرڪت ڪئي، جڏهن ته ان موقعي تي قانون، پارلياماني معاملن ۽ گهرو معاملن وارو صوبائي وزير ضياءُ الحسن لنجار پڻ موجود هو، اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پي اي سي چيئرمين جي نامزدگي تي پارٽي قيادت جو ٿورائتو آهيان. هن چيو ته پي اي سي سنڌ جي سمورن کاتن جي فنڊن جي خرچ ۽ استعمال جي نگراني ڪندي. هن چيو ته پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي عوامي فنڊن جي غيرقانوني استعمال ۽ سرڪاري فنڊن جي غلط استعمال کي برداشت نه ڪندي، تنهن ڪري سمورا ادارا فنڊ عوام جي بهتري لاءِ استعمال ڪن. نثار کهڙي چيو ته سنڌ جي بجيٽ سنڌ اسيمبلي مان منظور ٿيل آهي ۽ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي سرڪاري فنڊن جي غلط ۽ غيرقانوني استعمال کي روڪيندي ۽ پي اي سي سمورن کاتن جي آڊٽ پيراگرافن ۽ رپورٽن جي روشني ۾ به جاچ ڪندي. هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي پي اي سي سنڌ جي سمورن کاتن جي نگراني ڪندي ۽ پي اي سي جي اجلاسن ۾ آفيسرن جي غير حاضري کي برداشت نه ڪيو ويندو. نثار کهڙي چيو ته پارٽي قيادت جڏهن به ڪا ذميواري سونپي آهي ته ان کي بهتر نموني نڀايو آهي.