ڪراچي-05 جولاءِ (اي پي پي)سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري ناليواري مذهبي اسڪالر علامه آيت الله عقيل الغروي جو ڪراچي هوائي اڏي تي آڌرڀاءُ ڪيو. گورنر سنڌ علامه آيت الله عقيل الغروي کي گلدستو پيش ڪيو. ان موقعي تي گورنر سنڌ علامه آيت الله عقيل الغروي کي درخواست ڪئي ته هو ملڪ کي درپيش معاشي چئلينجن جي خاتمي ۽ ترقي ۽ خوشحالي لاءِ خاص دعائون ڪرائي.