حيدرآباد -03 جولاءِ (اي پي پي) شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ جي 95 هين ورسي جي موقعي تي سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ تي سنڌ جي هر ماڻهوءَ کي ناز هئڻ گهرجي، سنڌي ادب ۾ شايد ئي ڪو ايڏو وڏو نالو هجي، جيترو شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ جو آهي. سندس سنڌي ادب لاءِ ڪيل خدمتون يادگار آھن. شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ هڪ ئي وقت ۾ نثر ۽ نظم جي صنفن تي طبع آزمائي ڪئي ۽ هر موضوع جي کوٽ کي پورو ڪيو. مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ چيو ته شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ جا پونيئر علمي ادبي ذوق رکندڙ رهيا آهن، هن خاندان ۾ ڪيترائي عالم ۽ فاضل پيدا ٿيا آهن. هن چيو ته سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب کي ڪتابي سرمائي سان مالا مال ڪرڻ ۾ شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ جو اهم ڪردار آهي. شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ جا ٻاراڻي ادب کان وٺي سندس آتم ڪهاڻي تائين گهڻي کان گهڻا ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ ئي ڇپرايا آهن. چيئرمين سنڌي ادبي بورڊ جي هدايت تي مرزا دبير حسين بيگ سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ وفد جي صورت ۾ شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ جي آخري آرام گاهه تي حاضري ڀري چادر چاڙهي ۽ دعا گهري.