اسلام آباد – 03 (اي پي پي) ملڪ جي ناليواري صوفي لوڪ سنڌي گلوڪار علي بخش(علڻ فقير) جي ورسي 4 جولاءِ تي ملهائي ويندي. علڻ فقير کي صوفي شاعري جي خاص صنف ”ڪافي“ ۾ تمام گهڻي شهرت ملي هئي. علڻ فقير سنڌي، اردو، پنجابي، سرائيڪي ۽ ٻين ٻولين ۾ گانا ۽ صوفي ڪلام ڳائي سڄي دنيا ۾ تمام گهڻي شهرت حاصل ڪئي. علڻ فقير جو محمد علي شهڪي سان گڏ ڳايل گانو ”تيري عشق مين جو ڊوب گيا“سندس فني شهرت جو سبب بڻيو. ملي نغمي ”اتني بڙي جيون ساغر مين“ علڻ فقير کي شهرت جي بلندين تي پهچايو. علڻ فقير کي 1980 ۾ صدارتي ايوارڊ سان پڻ نوازيو ويو. علڻ فقير 4 جولاءِ 2000ع تي ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سندس ورسي جي موقعي تي سماجي ۽ ثقافتي حلقن ۽ شوبز انڊسٽري جي انتظام هيٺ مختلف پروگرام منعقد ڪيا ويندا جن ۾ سندس خدمتن تي خراج تحسين پيش ڪيو ويندو.