سکر-01 جولاءِ (اي پي پي)سکر جي ميئر بئريسٽر ارسلان اسلام شيخ برساتن جي امڪاني صورتحال کي نظر ۾ رکندي سکر ميونسپل ڪارپوريشن ۾ رين ايمرجنسي لاڳو ڪندي ملازمن جون موڪلون رد ڪري ڇڏيون آھن. ان سلسلي ۾ سکر جي ميئر بئريسٽر ارسلان اسلام شيخ ميونسپل ڪارپوريشن سکر جي مختلف شعبن جي ملازمن سان هنگامي اجلاس منعقد ڪيو جنهن ۾ ڊپٽي ميئر ڊاڪٽر ارشد مغل، ميونسپل ڪمشنر محمد علي شيخ، ايس پي او عابد علي انصاري ۽ ٻين آفيسرن ۽ عملي شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ملازمن کي خطاب ڪندي ميئر سکر چيو ته موسميات کاتي سانوڻي جي موسم ۾ معمول کان وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي. برساتي پاڻي جي بروقت نيڪالي ڏيڻ لاءِ ۽ رين ايمرجنسي لاڳو ڪئي وڃي شھرن کي بلدياتي سهولتون ڏيڻ لاءِ شھرين جي مال ۽ جان جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن۔هن ملازمن کي خبردار ڪندي چيو ته برساتي ايمرجنسي دوران اوهان کي ذميواريون سونپيون پيون وڃن جنهن ۾ شهر جي مختلف علائقن ۾ لڳل پورٽبل مشينري، ميڊ پمپ، ڊيزل انجڻ، ٽريڪٽر جي حفاظت ۽ سار سنڀال شامل آهن تنهن ڪري ملازمن کي وقت جي پابندي ۽ ايمانداري سان ڊيوٽي جا فرض سرانجام ڏيڻ گهرجن غفلت ۽ لاپرواهي ڪندڙ ملازمن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.