جيڪب آباد -01 جولاءِ (اي پي پي) جيڪب آباد جي تعلقي ٺل جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ فتح محمد بنگلاڻي جي رهواسي 10 سالن جي ٻن ڇوڪرن قدير ۽ نادر بنگلاڻي جي اغوا جي تصديق ٿي وئي آهي، جڏهن ته مغوي ڇوڪرن جي چاچي بخت علي بنگلاڻي ٻڌايو ته ڌاڙيلن فون ڪري ٻڌايو ته اسان جي هڪ ڇوڪري کي قتل ڪيو ويو آهي جڏهن ته ٻئي جي بازيابي لاءِ هو هڪ ڪروڙ روپيا گهري رهيا آهن، اسان غريب آهيون ڀنگ جي رقم نٿا ڏئي سگهون، پوليس اسان جي مغوين جي بازيابي کي يقيني بڻائي. واضح رهي ته ٻئي ڇوڪرا عيدالاضحيٰ واري ڏينهن تعلقي ٺل مان ڳوٺ واپسي ايندي گم ٿي ويا هئا.