نيويارڪ -06 جون (اي پي پي ) انٽرنيشنل ڪرڪٽ ڪائونسل جي انتظام هيٺ آئي سي سي مينز ٽي – 20 ورلڊ ڪپ ۾ اڄ ٻن ميچن جو فيصلو ٿيندو. پهرين ميچ گروپ بي جي ٽيمن نميبيا ۽ اسڪاٽ لينڊ جي وچ ۾ ڪينسنگٽن اوول ، برج ٽائون ، بارباڊوس ۾ کيڏي ويندي، ٻي ميچ ۾ گروپ اي جي ٽيمن ڪينيدا ۽ آئرلينڊ ۾ وچ ۾ ٿيندي، اها ورلڊ ڪپ جي 13هين ميچ هوندي جيڪا ناسا ڪائونٽي انٽرنيشنل ڪرڪٽ اسٽيديم ، نيويارڪ ۾ کيڏي ويندي. محدود اوورن واري فارميٽ ۾ نائين ميگا ايونٽ جا دلچسپ مقابلا ويسٽ انڊيز ۽ آمريڪا ۾ جاري آهن. ٽورنامينٽ جي ٻارهين ميچ ۾ نميبيا ۽ اسڪاٽ لينڊ جون ٽيمون بارباڊوس ۾ آمهون سامهون ٿينديون . ميگا ايونٽ جي 13 هين ميچ ڪينڊا ۽ آئرلينڊ وچ ۾ ٿيندي، جنهن جي اڳواڻي سعد بن ظفر ڪري رهيو آهي ۽ آئرلينڊ جي قيادت پال اسٽرلنگ ڪندو. ميگا ايونٽ ۾ 20 ٽيمون ٽائٽل حاصل ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ لٿل آهن، انگلينڊ جي ٽيم دفاعي چيمپئين آهي، ٽورنامينٽ جو فائنل 29 جون تي بارباڊوس ۾ کيڏيو ويندو.