سيئول _ 30 مئي (اي پي پي ) ڏکڻ ڪوريا چيو آهي ته اتر ڪوريا سمنڊ طرف مختصر فاصلي تائين حدف کي نشانو بڻائيندڙ 10 بليسٽڪ ميزائل فائر ڪيا آهن .يوناپ ملڪ جي جوائنٽ چيف آف اسٽاف جي حوالي سان چيو آهي ته اتر ڪوريا خميس ڏينهن تي صبح جاپان جي سمنڊ طرف اٽڪل 10 بليسٽڪ ميزائل فائر ڪيا . رپورٽ مطابق اهي ميزائل مختصر فاصلي تائين حدف کي نشانو بڻائڻ وارا هئا .