لنڊن -29مئي (اي پي پي ) انگلينڊ ۽ پاڪستان جي وچ۾ چار ٽي ٽونٽي انٽرنيشنل ميچن تي ٻڌل سيريز جي چوٿين ۽آخري ميچ خميس واري ڏينهن ڪيتگٽن اوول ،لنڊن ۾ کيڏي ويندي .ميزبان برطانوي ڪرڪٽ ٽيم کي پاڪستان خلاف سيريز ۾ 1-0 جي ڪاميابي حاصل آهي ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ 22مئي تي هيڊ نگلي ،ليڊز ۾ شيڊول سيريز جي پهرين ميچ برساتن سبب ملتوي ٿي وئي شديد برسات سبب ٽاس به ممڪن نه ٿي سگهيو انگلينڊ جي ٽيم 25 مئي تي کيڏيل ٻي ٽي ٽونٽي ميچ۾پاڪستان جي ٽيم کي23رنسن تان هارايو هيو ٻنهي ٽيمن جي وچ۾ سيريز جي ٽي ٽي ٽونٽي ميچ به برسات سبب ملتوي ٿي وئي هئي ۽ شديد برساتن سبب ٽاس به ممڪن نه ٿي سگهيو .