جوهانسبرگ – 08 اپريل (اي پي پي) ڏکڻ آفريقا وومين ۽ سريلنڪا وومين جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ڏينهن واري بين الاقوامي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ (اڄ) اڱاري تي بفيلو پارڪ، ايسٽ لنڊن ۾ کيڏي ويندي. ان کان اڳ مهمان سريلنڪلن وومين ٽيم ۽ ميزبان ڏکڻ آفريقا جي وومين ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽي 20 ميچن جي سيريز کيڏي وئي جنهن ۾ سريلنڪن وومين ٽيم ميزبان ڏکڻ آفريقا جي وومين ٽيم کي 2-1 تان شڪست ڏني هئي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز جي ٻين ميچ 13 اپريل تي جڏهن ته ٽين ۽ آخري ون ڊي ميچ 17 اپريل تي کيڏي ويندي.