بيجنگ-03 اپريل (اي پي پي) مائيڪرو نيشيا جو صدر ويسلي ڊبليو سمينا جمعي کان چين جو دورو ڪندو. پرڏيهي خابرو اداري موجب چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان هوا چون اينگ چيو آهي ته مائيڪرو نيشيا جو صدر ويسلي ڊبلسو سمينا چيني صدر شي جن پنگ جي دعوت تي 5 کان 12 اپريل تائين چين جو سرڪاري دورو ڪندو.